تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

ڪراچي ۾ قازڪ عورت جو قاتل سندس مڙس نڪتو: 2 گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڪلفٽن بلاڪ 5 ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ قتل ڪيل غيرملڪي عورت وارو معاملو حل ٿي ويو، جاچ پوليس موجب عورت کي قتل ڪندڙ سندس مڙس سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي (جاچ )سائوٿ بشير بروهي موجب گرفتار جوابدارن قازقستان واسي 35 ورهين جي ڊيوڊ لانا کي قتل ڪرڻ واري ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي، عورت جي مڙس 80 ورهين جي فاروق ڊوسا هڪ ملازم کي زال جي خدمت لاءِ مقرر ڪيو هو، جوابدار ٻڌايو ته سندس قازڪ زال شادي بعد گهر نالي ڪرڻ تي ضد ڪندي هئي، جنهن تي مڙس کيس ملازم کان گهٽاڏئي قتل ڪرائي واقعي کي آپگهات جو رنگ ڏنو، ايس ايس پي جاچ موجب مقتول عورت جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن پڻ واقعي کي آپگهات قرار ڏنو هو، عورت جو ٻيهر پوسٽ مارٽم ڪيو ويو ، واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪرڻ بعد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو ،جن قتل جو اعتراف ڪيو آهي

Bookmark the permalink.