تازا ترين
  • ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان کي فيبروري تائين گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو *
  • *وفاقي حڪومت آرڊيننس پاڻ واپس نه ورتو ته سينيٽ ۾ اُن کي رد ڪرايو ويندو، سنڌ حڪومت به آرڊيننس رد ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي: وڏو وزير*
  • *وفاقي سرڪار طرفان ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطا جاري رهڻ جي دعويٰ*
  • *ڪراچي واقعي ۾ جعلي حڪومت صوبائي خودمختياري سوڌو پاڻ تي به حملو ڪيو آهي: مريم نواز*

ڪراچي ۾ عورت پوليس آفيسر کي بليڪ ميل ڪندڙ جوابدار گرفتار، موبائل فون مان عورت آفيسر جون غيراخلاقي وڊيوز ۽ ڦوٽو هٿ

ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ٽيم جوابدار نعيم عرف ڪالو کي گرفتار ڪيو

جوابدار ڪيتري ئي عرصي کان عورت کي ڌميڪون ڏئي پئسا گهري رهيو هو: ايف آءِ اي اختياريون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پوليس جي عورت ايس ايڇ او عزالا کي هراسان ۽ بليڪ ميل ڪرڻ واري معاملي ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، ايف آئي اي سائبر ڪرائم عورت پوليس آفيسر جي شڪايت تي جوابدار نعيم عرف ڪالو کي گرفتارڪري ورتو، جوابدار جي موبائل فون مان عورت آفيسر جون غيراخلاقي وڊيوز ۽ ڦوٽو هٿ ڪيا ويا آهن، جوابدار سائبر ڪرائم سرڪل ۾ ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڪراچي ضمانت لاءِ آيو هو، ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار ڪيتري ئي عرصي کان عورت کي ڌميڪون ڏئي پئسا گهري رهيو هو.

Bookmark the permalink.