تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ڪراچي ۾ سوڪ سينٽر واقعي جو ڪيس مقتول وسيم عثماني جي ڀاءُ جي فرياد تي داخل، زخمي حفيظ فائرنگ ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو

آفيس ۾ ٻنهي آفيسرن ڪمري ۾ بند ڪري پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن بعد فائر ڪيا:حفيظ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سوڪ سينٽر واقعي جو ڪيس مقتول وسيم عثماني جي ڀاءُ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، زخمي حفيظ پوليس آڏو فائرنگ ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو. سوڪ سينٽر واقعي جو ڪيس نيو ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. واقعي جو ڪيس ڪي ڊي اي جي مقتول اسسٽنٽ ڊائريڪٽر وسيم عثماني جي ڀاءُ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي ٿيل سپرينٽنڊنٽ حفيظ جو بيان قلمبند ڪيو ويو آهي، جنهن ٻڌايو ته ٻنهي آفيسرن پاران ڪم نه ڏيڻ تي هو پستول کڻي گهران نڪتو هو، آفيس ۾ ٻنهي آفيسرن کيس ڪمري ۾ بند ڪري پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي هن پسٽل ڪڍي فائر ڪيا، ڪيس اندازو نه هو ته ايتريون گوليون هلي وينديون. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪي ڊي اي آفيس ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر وسيم عثماني ۽ لينڊ ڊپارٽمينٽ جو ڊپٽي ڊائريڪٽر وسيم رضا زخمي ٿيڻ بعد دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته سپرينٽنڊنٽ حفيظ الحسن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي،پوليس واقعي واري هنڌ تان هڪ شڪي کي پڻ حراست ۾ ورتو هو..

Bookmark the permalink.