تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

وفاقي سرڪار پنهنجي نااهلي ۽ ڪوتاهين جو بار هڪ صوبي مٿان نه وجهي، رٿابندي ۾ ڪوتاهين سبب سنڌ کي گئس نه پئي ڏني وڃي: وڏو وزير

ڪياماڙي جي مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪيا ويندا، سموري سنڌ جا به مسئلا گڏجي حل ڪيا ويندا: مراد علي شاهه

ڪياماڙي ۾ پهريون ايوينٽ ٿيڻ تي خوشي ٿي رهي آهي، ڪراچي جي ترقي ۽ بهتري لاءِ پاڪ نيوي غيرمعمولي ڪردار ادا ڪيو آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي سرڪار پنهنجي نااهلي ۽ ڪوتاهين جو بار هڪ صوبي مٿان نه وجهي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاق پنهنجي نااهلي توڙي ڪوتاهين جي ذميواري سنڌ حڪومت مٿان مڙهيندو آهي، رٿابندي ۾ ڪوتاهين سبب سنڌ کي گئس نه پئي ڏني وڃي ۽ بجلي جي معاملي ۾ به صوبي سان زيادتي ٿي رهي آهي، وفاق کي اهو سلسلو بند ڪرڻ گهرجي، ڪراچيءَ ۾ سيوريج ۽ گندڪچري جو وڏو مسئلو آهي، اهو مسئلو جلد حل ڪنداسين، منهوڙو روڊ جي افتتاحي تقريب کي خطاب دوران وڏي وزير چيو ته ڪياماڙي کي ماڊل ضلعو بڻايو ويندو ۽ مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪيا ويندا، سموري سنڌ جا به مسئلا گڏجي
حل ڪيا ويندا.

Bookmark the permalink.