تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

ڪراچي ۾ ايس آر پي ۽ ايس ايس يو لاء ٽيسٽ پاس ڪندڙ نوجوانن جو احتجاج

اميدوارن ڳچي ۾ رسو ٻڌي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو، آفر آرڊر ڏيڻ جو مطالبو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ايس آر پي ۽ ايس ايس يو لاء ٽيسٽ پاس ڪندڙ نوجوانن پاران ٻئي ڏينهن به ڳچي ۾ رسو ٻڌي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو آهي.احتجاج ڪندڙ اميدوارن جو چوڻ آهي ته 2018ع ۾ لکت ۽ فزيڪل ٽيسٽ پاس ڪرڻ بعد ايس آر پي ۽ ايس ايس يو جي 2 هزار اميدوارن کي ويٽنگ تي رکيو ويو هو. هنن چيو آهي ته تقريبن 2 سال ٿي ويا اڃا تائين آفر آرڊر ناهر مليو، بيروزگاري جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آھي. اميدوارن چيو آهي ته آفر آرڊر نه مليا ته مرڻ گهڙي تائين احتجاج جاري رکيو ويندو.

Bookmark the permalink.