تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايندڙ خميس کان 100 کان 130 ملي ميٽر تائين برسات جو امڪان

برسات کانپوءِ شهري ٻوڏ واري صورتحال ٿي سگهي ٿي:موسميات کاتو

جلد صفائي نه ڪرائي وئي ته صوبي ۾ صورتحال اڃا به خراب ٿي سگهي ٿي

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ خميس کان ايندڙ 3 ڏينهن دوران 100 کان 130ملي ميٽر تائين برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ واري صورتحال ٿي سگهي ٿي: موسميات کاتي خبردار ڪندي چيو آهي ته نالن جي جلد صفائي نه ٿي ته صورتحال بدتر ٿي ويندي: موسميات کاتي جي وارننگ بعد اين ڊي ايم اي جو وڏن نالن ۾ صفائي لاءِ آپريشن جاري، گجر نالي سميت 5 نالن مان ڪچرو ڪڍي تنگ هنڌن کي پاڻي لاءِ ڪليئر ڪيو پيو وڃي.

Bookmark the permalink.