تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

ڪراچي: ڪي ڊي اي آفيس ۾ ڪامورن ۾ جهيڙو: فائرنگ:2 آفيسر قتل: هڪ مرڻينگ: سپرنٽينڊنٽ گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪي ڊي اي آفيس ۾ فائرنگ، 2 آفيسر قتل، هڪ سخت زخمي، پوليس فائرنگ واقعي کي آفيسرن وچ ۾ جھيڙي جو نتيجو قرار ڏئي ڇڏيو. هڪ آفيسر کي حراست ۾ ورتو ويو. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب سوڪ سينٽر جي ٽئين ماڙ تي واقع ڪي ڊي اي جي لينڊ مينيجمينٽ ڊپارٽمينٽ جي آفيس ۾ فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن دوران گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ سپرنٽينڊنٽ حفيظ پٽ محمد حنيف، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (لينڊ) محمد وسيم پٽ سليم عثماني ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر لينڊ وسيم رضا نقوي پٽ محسن نقوي سخت زخمي ٿي پيا، فائرنگ جي اطلاع تي پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري پهچي واقعي واري جاءِ کي سيل ڪري ثابتيون گڏ ڪيون. پوليس موجب واقعي واري هنڌ تان هڪ پستول ۽ گولين جا 5 خول مليا. جڏهن ته زخمين کي نجي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو، جتي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر گلستان جوهر محمد وسيم عثماني ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر وسيم رضا زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏنو. پوليس موجب واقعي واري وقت ڪي ڊي اي آفيس ۾ صرف 3 آفيسر هئا، جن جو پاڻ ۾ جھيڙو ٿيو، آفيس مان هڪڙو پستول ۽ گولين جا 5 خول مليا آهن، پستول زخمي سپرنٽينڊنٽ حفيظ ڀرسان مليو، جنهن کي سيني ۾ گولي لڳل آهي، پوليس موجب جھيڙي جا ڪارڻ ڪهڙا هئا، پهرين ڪنهن فائرنگ ڪئي؟ حفيظ جي هوش ۾ اچڻ بعد ئي خبر پوندي، وسيم کي 3 گوليون لڳيون، ڪي ڊي اي آفيسرن کان به معاملي بابت ڄاڻ ورتي پئي وڃي، پوليس موجب سپرنٽينڊنٽ عرفان شاهه کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جيڪو واقعي کان 15 منٽ اڳ آفيس ۾ موجود هو، سندس بيان رڪارڊ ڪيو ويو آهي. پوليس موجب عمران شاهه ٻڌايو ته هو ڪمري ۾ موجود هو، ٽنهي آفيسرن ۾ تڪرار شدت اختيار ڪري ويو ته انهن مون کي ڪمري مان ڪڍي ڇڏيو، جنهن جي 15 منٽن کانپوءِ فائرنگ جو آواز آيو. پوليس موجب انهي ڳالهه جي جاچ ڪئي پئي وڃي ته حفيظ ٻنهي آفيسرن کي گوليون هڻي بعد ۾ پاڻ کي گولي هنئي آهي يا وري جھيڙي دوران پستول کسجڻ جي ڪوشش دوران کيس گولي لڳي آهي؟ پوليس موجب حفيظ جي هوش ۾ اچڻ بعد سندس بيان رڪارڊ ڪيو ويندو. هوڏانهن ٻنهي آفيسرن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.

Bookmark the permalink.