تازا ترين
  • *ڪراچي:احتساب عدالت قومي ناڻي کي 3 ارب رپين جو نقصان پهچائڻ بابت ريفرنس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو *احتساب عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مختيار ڪار سوڌو سمورن جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا ڏئي ڇڏي *جوابدارن ۾ مختيار ڪار محمد سالڪ، عبدالعزيز، شاهد، واحد بخش، زمان، شاهد رضا شاهه ۽ لال محمد شامل *جوابدارن تي ملير ضلعي ۾ سرڪاريزمينن تي غير قانوني الاٽمينٽ جو الزام آهي:نيب*
  • *ڏوڪري ويجهو ناري مبينا طوراغوا ٿي وئي، وارثن جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاج *ڳوٺ جکرا واسين جو 18ورهين جي نوشاد عرف ريما چنو جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو *جوابدار رانجهن منگي ناري کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويو، پوليس ڪارروائي نٿي ڪري: مظاهرين*
  • *بهاولنگر: سي ٽي ڊي جي عارف والا روڊ تي ڪارروائي، دهشتگرد گرفتار *ڪارروائي دوران العاعده سان تعلق رکندڙ دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو: سي ٽي ڊي *دهشتگرد جي قبضي مان مختلف قسم جو خطرناڪ مواد هٿ ڪيو ويو: سي ٽي ڊي*
  • *سکر: سپيڪو جي ڊائريڪٽر فنانس پاران بجلي چوري ڪرڻ جو انڪشاف *ڊائريڪٽر فنانس سيپڪو جي بنگلي جي بجلي ورھين کان ڊائريڪٽ ھلڻ جو انڪشاف *امداد ميراڻي جي بنگلي ۽ اوطاق ۾ ڊائريڪٽ ڪنيڪشن لڳل ھئا: ڇاپا مار ٽيم جو انچارج *سيپڪو چيف جي هدايتن تي ڇاپا مار ٽيم جي گهوٽڪي ويجهو بجلي چوري خلاف ڪارروائي*
  • *آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ترڪي جي دفاع واري وزير جي ملاقات: آءِ ايس پي آر *ترڪ دفاع واري وزير علائقائي امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي: آءِ ايس پي آر *ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي شراڪت داري ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي: آرمي چيف*
  • *لاهور: ايس ايس پي سيد جنيد ارشد خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس *عدالت جوابدار جنيد ارشد کي وڌيڪ 10 نومبر تائين جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو *جنيد ارشد تي عهدي جو ناجائز استعمال ڪرڻ جو الزام آهي: نيب*
  • *ڪراچي ۾ 5 هزار گيلن کان وڌيڪ پاڻي کڻندڙ واٽر ٽينڪرز تي شهر ۾ داخلا تي پابندي *ڊِي آءِ جي ٽريفڪ ملير، ڪورنگي، ايسٽ، ويسٽ جي ايس ايس پيز کي خط لکي ڇڏيو *شهر ۾ صرف 5 هزار گيلن پاڻي کڻي ويندڙ ٽينڪرز کي اجازت هوندي: ڊي آءِ جي*وڌيڪ وزن کڻندڙ ٽينڪرز حادثن جو سبب بڻجندا آهن: ڊي آءِ جي ٽريفڪ*
  • *همايون شريف ويجهو نينگري پاران مبينا آپگهات وارو معاملو *ڳوٺ وڏا ڏئيا واسڻ 17ورهين جي نيلم ڏئيو جي مبينا آپگهات جو ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس ورتو *پوليس نينگري جي والد خلاف ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو *نينگري جي وارثن سندس موت کي آپگهات قرار ڏنو هو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد گلبهار ڏئيو فرار*
  • *دولتپور صفن ويجهو قومي شاهراهه تي پراڊو گاڏي جي ٽڪر ۾ واٽهڙو پيرسن فوت *جوکيا موڙ وٽ حادثي ۾ پيرسن چڻو ولد کيڏو خان ڀٽي فوت ٿي ويو، لاش مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو *پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو*
  • *هنڱورجا ويجهو سڳيون لنڪ روڊ تي ڦر دوران مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ٿي وئي *مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ڳوٺ مٺو خشڪ واسي سليم ولد امداد خشڪ نالي سان ٿي: ايس ايڇ او هنڱورجا *
  • *سبي: مٺڙي ڀرسان قومي شاهراهه تي مزده ۽ ڊاٽسن ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 9 مسافر زخمي *حادثي جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو*
  • *پشاور: پارا چنار جي علائقي شلوزان ۾ ٽن ڄڻن جو قتل، 6 جوابدار گرفتار *گذريل ڏينهن ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻارڙي سميت 3 ڄڻا مارجي ويا هئا : ڊي پي او*
  • *راجنپور ۾ زرعي ڀاڻ ۽ دوائن جي ڊيلرن خلاف آبادگارن جو احتجاج، گڏهه ڪاهي ريلي ڪڍي وئي *آبادگارن زراعت کاتي جي عملدارن جو علامتي جنازو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو*

ڪراچي: ڪرنٽ لڳڻ ۽ حادثن ۾ عورت سميت 4 فوت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪرنٽ لڳڻ ۽ روڊ حادثن ۾ عورت سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، نارٿ ڪراچي جي شاهنواز ڀٽو ڪالوني ۾ گهر اندر ڪرنٽ لڳڻ سبب 24 ورهين جي طاهره زال بابر فوت ٿي وئي، هوڏانهن دو درياءَ واري علائقي ۾ فليٽ اندر ڪم دوران ڪرنٽ لڳڻ جي واقعي ۾ 26 ورهين جو اياز فوت ٿي ويو، اورنگي ٽائونجي پير آباد جي علائقي ۾ هوٽل تي ڪم ڪندڙ 40 ورهين جو انور پٽ مرهم فوت ٿي ويو، جڏهن ته شيرشاهه ۾ گاڏي جي ٽڪر ۾ 40 ورهين جو الطاف پٽ محمد اسلم فوت ٿي ويو،

Bookmark the permalink.