تازا ترين
  • *ڊکڻ ڀرسان شرپسندن مبينا طور سارين جي ٽن ديرن کي باهه ڏئي ڇڏي، آبادگار پريشان*
  • *ڪوٽڙي: لوڻي ڪوٽ ڀرسان تيز رفتار ڪار ڪلٽي، حيدرآباد واسي 4 ڄڻا زخمي * ڪوٽڙي: زخمين ۾ حيدرآباد جي سبزي منڊي واري علائقي جا رهواسي عباس علي گدي، فرمان علي گدي، عمر علي ۽ شاهد گدي شامل *
  • *سکر: نيب سکر پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش مهر خلاف سرڪاري زمين پنهنجي نالي ڪرائڻ وارن الزامن جي جاچ جو فيصلو ڪري ورتو * سکر: نيب سکر جي اختيارين جاچ شروع ڪرڻ لاءِ نيب چيئرمين کان اجازت گهري ورتي: ذريعا *
  • *لاڙڪاڻي ۾ ڪوچ جو سائيڪل کي ٽڪر، 13 سالن جو معصوم نينگر شهباز پٽ قمرالدين ڀٽو فوت ٿي ويو*
  • * قاضي احمد لڳ 4 ورهين جي معصوم ٻارڙي زاھده ڌيءُ صحبو خان مري شاخ ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي *
  • *جيڪب آباد: رستم جي پنهوار ۽ بنگلاڻي ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار جو جيڪب آباد ۾ جرڳو، هڪ خون جا 47 لک رپيا ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ * جيڪب آباد: بنگلاڻي برادري تي هڪ شخص جو خون ثابت ٿيو، خون بها 15 لک رپيا مقرر ڪئي وئي * جيڪب آباد: بيگناهه قتل جا وڌيڪ 15 لک ۽ لاش جي تذليل جا به 15 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو *
  • *ور شهر: صبح کان گم ٿيل نينگري جو ڪپڙن کان آجو لاش هٿ * ور شهر: معصوم نينگري دعا ولاسيو جو لاش ڪيلي جي فصل مان هٿ آيو، نياڻي کي قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي: وارث *
  • *ڪراچي: دعا منگي کي صحيح سلامت بازياب ڪرائينداسين، ڪيس جو مختلف رُخن ۾ جائزو ورتو پيو وڃي: ڪراچي پوليس * ڪراچي: هڪ درجن کان وڌيڪ ماڻهن کان جاچ ڪري ورتي آهي: ڪراچي پوليس جو ترجمان * ڪراچي: شهرين کي اپيل آهي ته ڪيس لاءِ اطلاع هجي ته ويجهو موجود ٿاڻي تي ٻڌائين: بيان *
  • *اسلام آباد: هن سال 104 ماڻهو قتل ۽ 121 اغوا ٿيا: گذريل سال ٻارن سان جنسي زيادتي جا 29 واقعا رجسٽر ٿيا: وفاقي گهرو کاتو * اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ وفاقي گهرو کاتي طرفان ڏوهن بابت انگ اکر پيش ڪيا ويا * اسلام آباد: وفاقي گهرو کاتي طرفان ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر هجڻ جي دعويٰ *
  • *اسلام آباد: بشير ميمڻ کي هٽائڻ وارو مامرو قومي اسيمبلي تائين پهچي ويو: وفاقي سرڪار جواب نه ڏنو*
  • سمجهه ۾ نٿو اچي ته پارليامينٽ جا مامرا عدالت ۾ ڇو ٿا آڻيو ؟ 10 ڏينهن ۾ اليڪشن ڪميشن جا ميمبرز مقرر ڪريو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*پارليامينٽ کي وڏا اشوز حل ڪرڻا آهن، هي ته ميمبرز جي مقرري آهي، هر ميمبر ڪوشش ڪري ته پارليامينٽ جو معاملو عدالت ۾ حل نه ٿئي*وفاقي سرڪار، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين طرفان مهلت جي استدعا: عدالت 10 ڏينهن ۾ حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي*
  • وزيراعظم اپوزيشن ليڊر سان ويهڻ لاءِ تيار ئي ناهي (ن ليگ اڳواڻ) ٻئي پارليامينٽ جي بالادستي قائم ڪن: عدالت*
  • نئون چيف اليڪشن ڪمشنر:وزيراعظم3 نالا تجويز ڪري ڇڏيا*عمران خان طرفان تجويز ڪيل نالن ۾ بابر يعقوب، فضل عباس ۽ عارف خان شامل*

ڪراچي کان سرحد ۾ وڏي ڀيڻ وٽ ويل 2 ڀينرون گم: اغوا جو شڪ

تقيه ۽ صفيه جي اغوا جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس ڪجهه نٿي ڪري: نارين جي والد جو احتجاج

جروار (ن پ ا) گهوٽڪيءَ جي سرحد واري علائقي ۾ وڏي ڀيڻ وٽ آيل ڪراچي واسي 2 ڀينرون 5 ڏينهن کان گُم ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. نارين جي وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي چيو آهي ته ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود سرحد پوليس نارين کي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي. ڪراچي جي گلشن معمار واري علائقي جون رهواسي 2 ڀينرون 15 سالن جي تقيه گل عباسي ۽ 19 سالن جي صفيه گل عباسي گهوٽڪي جي سرحد واري علائقي ۾ وڏي ڀيڻ سان ملڻ لاءِ پهتيون هيون. ڳوٺ جندو وڏو عباسي ۾ پهچڻ بعد ٻئي ڀيڻيون گُم ٿي ويون ۽ 5 ڏينهن کان سندن ڪوبه ڏس پتو پئجي نه سگهيو آهي.
نارين جي والد علي گل عباسي جروار پريس ڪلب پهچي دانهيو ته سندس ٻئي ڌيروئن سرحد ۾ ڀيڻ وٽ ترسيل هيون، 5 ڏينهن اڳ وڏي ڌيءُ شادي تي وئي، واپس آئي ته ٻئي ڀيڻيون تقيه ۽ صفيه گهر ۾ نه هيون. هُن دانهيو ته سرحد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ۽ اغوا جو شڪ به ظاهر ڪيو آهي، تنهن باوجود پوليس 5 ڏينهن کان ڪجهه نٿي ڪري ۽ خاموش تماشائي بڻيل آهي. نارين جي والد ايس ايس پي گهوٽڪي سوڌو ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڌيئرن کي بازياب ڪرائي سندن بيچيني ختم ڪئي وڃي.

Bookmark the permalink.