تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

ڪراچي پيڪيج لاءِ وزيراعليٰ جي سربراهي ۾ 10 رڪني ڪاميٽي قائم: ڪراچي ڪاميٽي برقرار رهندي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ سرڪار پاران ڪراچي ۾1100 ارب رپين جي لاڳت سان ترقياتي ڪم ڪرائڻ لاءِ وڏي وزير مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ 10 رڪني پراونشل ڪوآرڊينيشن اينڊ امپليمينٽينشن ڪاميٽي (پي سي آءِ سي) جوڙي انهي جو باضابطه طور تي نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو. سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي پاران چيف سيڪريٽري جي صحيح سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب وڏي وزير مراد علي شاهه جي چيئرمين شپ واري ڪاميٽي ۾ صوبائي چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ جو چيئرمين محمد وسيم، ڪور هيڊ ڪوارٽر 5 جو عيوضي، ڪراچي جو ڪمشنر سهيل راجپوت، ڪراچي ڪي ايم سي جو ايڊمنسٽريٽر افتخار شالواڻي، نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جو عيوضي، وفاقي سرڪار جو عيوضي، مڪاني ادارن واري کاتي جو سيڪريٽري نجم شاهه ۽ ٽرانسپورٽ کاتي جو سيڪريٽري شامل هوندا. انهي ڪاميٽي جو سيڪريٽري پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ جي چيئرمين محمد وسيم کي مقرر ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڪاميٽي جا 12 ٽرم آف ريفرنس پڻ ڏنا ويا آهن، جن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪاميٽي مختلف پروجيڪٽن جي رٿابندي ڪندي، جن تي لاڳاپيل حڪومت (وفاق ۽ صوبائي حڪومت ) جون اختياريون عمل ڪرائينديون، اها ڪاميٽي سڀني اسٽيڪ هولڊرن لاءِ مرڪزي فورم جو ڪردار ادا ڪندي، جڏهن ته مختلف منصوبن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ ڪوششون وٺندي، اها ڪاميٽي مختلف رٿائن لاءِ گهربل فنڊن جو بندوبست ڪرڻ سان گڏ انهن جي استعمال جي پڻ نگراني ڪندي، اها ڪاميٽي مختلف پراجيڪٽن جو رڪارڊ رکڻ سان گڏ انهن جو معيار پڻ چڪاسيندي، ضرورت پوڻ تي اها ڪاميٽي رٿائن ۾ تبديلي آڻڻ سان گڏ رٿائن تي عمل ڪندڙ ادارن/ ايجنسين ۾ ردوبدل پڻ ڪري سگهندي، ڪراچي پيڪيج هيٺ تعمير ٿيندڙ مختلف رٿائن کي ميڊيا ۾ اجاگر ڪرڻ جي ذميواري پڻ انهي ڪاميٽي کي سونپي وئي آهي، اها ڪاميٽي مختلف پراجيڪٽن تي عمل دوران پيش ايندڙ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان پڻ رابطي ۾ رهندي. ڪاميٽي جي هر 15هين ڏينهن گڏجاڻي ٿيندي، جنهن ۾ رٿائن تي هلندڙ ڪم جو جائزو ورتو ويندو، نوٽيفڪيشن ۾ سمورين لاڳاپيل ڌرين کي صلاح ڏني وئي آهي ته اهي ڪاميٽي لاءِ پنهنجا ميمبر جلد نامزد ڪن. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته وفاق ۽ صوبي جي عيوضين تي ٻڌل 6 رڪني ڪاميٽي پنهنجي جڳهه تي برقرار آهي، جڏهن ته صوبائي ڪاميٽي صوبي اندر معاملن کي ڏسندي، ڪراچي ڪاميٽي حڪومتي آهي ، جڏهن ته هي ڪاميٽي ڪامورن تي ٻڌل آهي، جيڪا صوبي جي ترقياتي ڪمن بابت ڪوآرڊينيشن ۾ هوندي. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته وفاق ۽ صوبائي حڪومت وچ ۾ ٺهيل پنهنجي جڳهه تي برقرار آهي جنهن ۾ وفاق جا 3نمائندا ۽ صوبائي حڪومت جا 3 نمائندا شامل آهن، اها ڪاميٽي وڏي وزير پاران جوڙيل صوبائي ڪاميٽي جي پڻ نگراني ڪندي، وزيراعظم وٽ ٿيل اجلاس ۾ اهو طئه ٿيو هو ته وڏي وزير جي سربراهي ۾ پراونشل ڪو آرڊينيشن اينڊ امپليمينٽينشن ڪاميٽي (پي سي آءِ سي) جڙندي، جنهن ۾ وفاق پاران پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊويزن جو سيڪريٽري يا سندس نامزد ڪيل وفاقي آفيسر شامل هوندو، انهي ڪاميٽي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پڻ شامل هوندا،

Bookmark the permalink.