تازا ترين
  • *گاجي کهاوڙ ۾ ٽائون ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر گند جي ڍير ۾ تبديل، شهرين جو احتجاج *انتظاميه جي نااهلي ۽ ٽائون ملازمن جي احتجاج سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي: شهر*
  • *باڊهه ۾ شهرين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو *شهرين درگاهه شريف چوڪ کان ريلي ڪڍي ٿاڻي جي مين گيٽ آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو *پوليس امداد گوپانگ کي تيل چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، کيس آزاد ڪيو وڃي: شهري*
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد ۽ سجاول ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون *حيدرآباد جي ماڻڪ ڀٽي ڳوٺ ۾ 5 ڏينهن کان بجلي بند، ٻوسٽ سبب پيرسن عورت دم ڏئي ڇڏيو، رهواسي سراپا احتجاج *سجاول جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ، شهري پريشان، اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر*
  • *مدئجي ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳاهيجا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦرلٽ جي وڌندڙ وارداتن خلاف احتجاجي ريلي *پوليس جي نااهلي سبب چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا وڌي ويا، رهواسي غير محفوظ آهن: مظاهرين*
  • *هالا ڀرسان ڇلگري وٽ ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، گمبٽ واسي 5 گهر ڀاتي زخمي *پوليس زخمين کي اسپتال منتقل نه ڪيو، خانگي گاڏي ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *ملير: نئين سبزي منڊي ويجهو گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 27 ورهين جي شامدار طور ٿي، زخمي اسپتال منتقل*
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

ڪراچي: پراپرٽي ٽيڪس جي اوڳاڙي سائيٽ کي سونپڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه پاران سائيٽ ڪراچي ۾ روڊن جي تعمير لاءِ 1.37 ارب رپين جي منظوري، پراپرٽي ٽيڪس جي اوڳاڙي پڻ سائيٽ ليميٽڊ کي سونپڻ جو فيصلو ڪيو ويو . ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ قاسم سراج تيلي جي اڳواڻي ۾ سائيٽ ايسوسي ايشن جي وفد وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ زبير موتي والا، سليمان چاولا، فرحان اشرفي، جاويد بلواڻي، سليم پاريک، عبدالهادي، عبدالرشيد شامل هئا. صنعتڪارن وڏي وزير کي ٻڌايو ته سائيٽ جي روڊن جي حالت اڳ ۾ ئي خراب هئي، تازين برساتن ڪري روڊ وڌيڪ تباهه ٿي ويا آهن، هنن چيو ته هن وقت روڊ استعمال لائق ناهن ، تيار ٿيل سامان پهچائڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. هنن اها پڻ نشاندهي ڪئي ته سائيٽ لميٽيڊ جي مالي حالت غير يقيني آهي، ڇاڪاڻ ته ان تي ضرورت کان وڌيڪ دٻاءُ هو. جنهن تي صنعت واري وزير ڄام اڪرام چيو ته سائيٽ لاءِ 450 ملازم گھربل آھن پر اها 1500 ملازمن جو ٻوجهه برداشت ڪري رھيو آھي، سنڌ سمال انڊسٽريز کي پڻ ساڳئي صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو. هن وڌيڪ چيو ته غير معمولي ڀرتيون جنرل مشرف جي دور ۾ ڪيون ويون. سائيٽ ايسوسي ايشن جي وفد وڏي وزير کي ڄاڻ ڏني ته سائيٽ ايريا جي پراپرٽي ٽيڪس جي اوڳاڙي سائيٽ لميٽيڊ کي ڏني وڃي ته جيئن مقامي طور تي گڏ ڪيل رقم سائيٽ ايريا جي ترقي لاءِ استعمال ٿي سگهي. سائيٽ ايسوسيئيشن جي ڳالهين کي ٻڌڻ کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪراچي ميگا پروجيڪٽ تحت سائيٽ جي سڀني روڊن کي ٻيهر تعمير ڪبو هن سائيٽ ڪراچي جي پراڻن روڊن جي تعمير لاءِ 1.37 اربن جي رقم منظور ڪئي هن مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر شاهه کي هدايت ڪئي ته سائيٽ جي روڊ جي بحالي جو ڪم ڪراچي ميگا پروجيڪٽ ٽيم کي سونپيو وڃي، صنعتڪارن جي ڪاميٽي تعميراتي ڪم جي نگراني ڪندي، سائيٽ ايسوسيئيشن جي درخواست تي سنڌ جو وڏو وزير اصولي طور تي پراپرٽي ٽيڪس جي اوڳاڙي کي سائيٽ لميٽيڊ حوالي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن اهي نه رڳو اوڳاڙي وڌائي سگهن پر وصول ٿيل رقم کي سائيٽ جي ترقي لاءِ استعمال ۾ آڻي سگهن.

Bookmark the permalink.