تازا ترين
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*
  • *دادو: ميهڙ ۾ ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس جي ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي *مقتولن جي وارث اِم رباب چانڊيو سميت سردار احمد چانڊيو، ايم پي اي برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش *سردار احمد ۽ برهان کي جوابدارن واري ڪٽهڙي ۾ ويهاريو ويو، وڪيلن جا دليل جاري*
  • *نيوسعيدآباد ويجهو جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو *ڳوٺ پاھڙ جمالي ۾ جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان هڪ ٻئي جي گھرن مٿان فائرنگ *فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف، ڌريون مورچا بند*
  • *ڪراچي: احتساب ڪورٽ ۾ سمنڊ ڪناري سرڪاري زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ وارو ڪيس *پي ايس پي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻيا عدالت مان غير حاضر*
  • *مدئجي ويجهو پوليس اٽالن جي چڙهائي،گهر گهر تلاشي، 4 ڄڻا گرفتار،ڍور ڍڪ حوالي *پوليس اٽالن ڳوٺ علي خان واصل ڀرسان هليا ۽ جيها برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪئي *پوليس چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري 10 کان وڌيڪ ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا،متاثرن جو احتجاج *
  • *لاڙڪاڻو: چانڊڪا اسپتال ۾ ايم ايس ۽ پيراميڊيڪل عملي ۾ ڇڪتاڻ برقرار *پيرا ميڊيڪل عملي جو احتجاج، مريض بنا علاج جي واپس روانا *20هين ڏينهن به او پي ڊيز کي تالا، پيرا ميڊيڪل عملي وارڊن جو ڪم به ڇڏي ڏنو *ڊيوٽي تي غيرحاضر رھندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو: ايم ايس *ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي جيستائين ايم ايس کي نه هٽايو ويندو، احتجاج جاري رهندو: پيرا ميڊيڪل عملو *

ڪراچي: ٻيڙي مان 80 ڪروڙن جو چرس هٿ: 8 اسمگلر سوگها

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي ۽ پاڪستان ڪسٽم جي کليل سمنڊ ۾ ڪارروائي، منشيات اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام، 2700 ڪلوگرام چرس هٿ ڪري 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، ترجمان موجب پي ايم ايس اي جو جهاز معمول جي گشت تي هو ته سمنڊ ۾ هڪ شڪي ٻيڙي کي ڏسي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو، 8 اسمگلرن گرفتاري کان بچڻ لاءِ ٻيڙي کي باهه ڏئي سمنڊ ۾ ٽپو ڏنو پر کين گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ٻيڙي مان 2700 ڪلوگرام اعليٰ ڪوالٽي جو چرس هٿ ڪيو ويو، هٿ آيل چرس جي ماليت 82 ڪروڙ آهي.

Bookmark the permalink.