تازا ترين
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*
  • *دادو: ميهڙ ۾ ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس جي ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي *مقتولن جي وارث اِم رباب چانڊيو سميت سردار احمد چانڊيو، ايم پي اي برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش *سردار احمد ۽ برهان کي جوابدارن واري ڪٽهڙي ۾ ويهاريو ويو، وڪيلن جا دليل جاري*
  • *نيوسعيدآباد ويجهو جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو *ڳوٺ پاھڙ جمالي ۾ جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان هڪ ٻئي جي گھرن مٿان فائرنگ *فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف، ڌريون مورچا بند*
  • *ڪراچي: احتساب ڪورٽ ۾ سمنڊ ڪناري سرڪاري زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ وارو ڪيس *پي ايس پي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻيا عدالت مان غير حاضر*
  • *مدئجي ويجهو پوليس اٽالن جي چڙهائي،گهر گهر تلاشي، 4 ڄڻا گرفتار،ڍور ڍڪ حوالي *پوليس اٽالن ڳوٺ علي خان واصل ڀرسان هليا ۽ جيها برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪئي *پوليس چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري 10 کان وڌيڪ ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا،متاثرن جو احتجاج *
  • *لاڙڪاڻو: چانڊڪا اسپتال ۾ ايم ايس ۽ پيراميڊيڪل عملي ۾ ڇڪتاڻ برقرار *پيرا ميڊيڪل عملي جو احتجاج، مريض بنا علاج جي واپس روانا *20هين ڏينهن به او پي ڊيز کي تالا، پيرا ميڊيڪل عملي وارڊن جو ڪم به ڇڏي ڏنو *ڊيوٽي تي غيرحاضر رھندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو: ايم ايس *ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي جيستائين ايم ايس کي نه هٽايو ويندو، احتجاج جاري رهندو: پيرا ميڊيڪل عملو *

ڪراچي: ٻارڙي مروا ڪيس: پوليس ڪيس چالان ٿيڻ کان اڳ ئي گرفتار جوابدار نواز کي بيگناهه قرار ڏئي ڇڏيو، پراسيڪيوٽر طرفان اعتراض

ڪيس جو چالان پيش ٿيڻ تائين ڪنهن به جوابدار کي بيگناهه قرار نه ٿو ڏئي سگهجي: پراسيڪيوٽر

عدالت ٽنهي جوابدارن کي جسماني رمانڊ تي 26 سيپٽمبر تائين پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي عيسيٰ نگري واري علائقي ۾ معصوم ٻارڙي مروا کي زيادتي ۽ بيدردي سان قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ پوليس جي غير سنجيدگي، ڪيس چالان ٿيڻ کان اڳ ئي گرفتار جوابدار نواز کي بيگناهه قرار ڏئي ڇڏيو، ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پراسيڪيوٽر جوابدار نواز کي آزاد ڪرڻ واري پوليس جي استدعا تي اعتراض واري ڇڏيا، سرڪاري وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ڪيس جو چالان پيش ٿيڻ تائين ڪنهن به جوابدار کي بيگناهه قرار نه ٿو ڏئي سگهجي، پوليس جوابدار عبدالله ۽ فيضو کي به اي ٽي سي آڏو پيش ڪيو، مروا ڪيس جي جاچ آفيسر عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو آهي ته جوابدار عبدالله ٻارڙي مروا جو لاش ڪچري جي ڍير تي اُڇلايو، عبدالله ئي واقعي واري هنڌ جي نشاندهي ڪئي هئي، ٻنهي جوابدارن جو ڊي اين اي ڪرائڻو آهي، عدالت ٽنهي جوابدارن کي جسماني رمانڊ تي 26 سيپٽمبر تائين پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

Bookmark the permalink.