تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

ڪراچي ۾ پي آءِ جي تباهه ٿيل جهاز جي عملي ۽ مسافرن جا نالا جاري

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پي آءِ اي جي تباهه ٿيل جهاز ۾ عملي سوڌو اٽڪل هڪ سئو تائين مسافر سوار هئا، جِن ۾ 51 مرد، 31 عورتون ۽ 9 ٻار شامل آهن، اُهي مسافر لاهور کان ڪراچي واپس پئي آيا پر منزل تائين پهچي نه سگهيا جهاز تباهه ٿيڻ واري واقعي ۾ پائليٽ ڪيپٽن سجاد ۽ صحافي انصار نقوي اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته بئنڪ آف پنجاب جو صدر ظفر مسعود به جهاز ۾ سوار هو، پر هو زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. بدنصيب جهاز ۾ جيڪي مسافر سوار هئا، اُنهن ۾ پنجاب جو صوبائي سيڪريٽري خالد شير دل، اينڪپرسن حفصه چوڌري، مشهور ماڊل زاره عابد، عبدالفتاح، عبدالرحيم زين، ڪاشف افضال، شبير احمد، رضوان احمد، بلال احمد ۽ ياسيمن عاقباني شامل آهن. اُن کانسواءِ فروه علي، ارمغان علي، فوزيه ارجمند، محمد اسلم، محمد عطاءُ الله، راءِ عطاءُ الله، نيلم برڪت علي، فريحه بشارت، مرزا مُوها بيگ، مهرين دانش، بيگم دلشاد، سِمَون ايرِڪ، اسماعيل فاروقيه، اينايا فاروقيه، شهريار فضل، حميره ڪريم، صائمه عمران، حُذيفه عمران، اشتياق احمد، مسمات خالده، احمد مجتبيٰ خان، رضوانه خاتون، ليفٽيننٽ بالاچ خان ۽ نازيه معراج به پي آءِ اي جي بدنصيب جهاز ۾ شامل هئا. لاهور کان ڪراچي ويندي تباهه ٿيل جهاز ۾ سوار مسافرن جي جيڪا فهرست جاري ڪئي وئي آهي، اُن ۾ سعد محمود، طاهره محمود، مبشر محمد، شعيب راز، عثمان پولا، صديق پولا، ابراهيم پولا، زبير محمد، سليم محمد، زوهيب راز، اساما محمد، علوينا مصطفيٰ، ڪريم نويد، شهناز پروين ،قادر مسيح، وحيده رحمان، فضل رحمان، آصف راجا، امر راشد، فريال رسول ۽ رِدا رفت شامل آهن، جڏهن ته ساره عبدالراهي، محمد شبير، محمد شاهير، ڪِرن شاهد، اقرا شاهد، يلسا شهريار، رايان شهريار، خالد شيردل، ڪريم، سيده عائشه، سيد محمد علي، سيد دانش، طاهر محمد، نوشهرين طاهر، محمد طارق، عائمه وقاص ۽ ندا وقاص به ڪراچي ۾ تباهه ٿيل جهاز ۾ سوار هئا.اُن کانسواءِ يار محمد خان، وقاس يونس، حمزه يونس، زاهد ڪريم، فاطمته الزهره، زين العارف، زهره نفيس ۽ زبير محمد به پي آءِ اي جي اُن جهاز ۾ شامل هئا، جيڪو لاهور کان نڪتو ۽ ڪراچي ايئرپورٽ تي لينڊنگ کان ٿورو اڳ هنيانءُ ڏاريندڙ واقعي جو شڪار ٿي ويو

Bookmark the permalink.