تازا ترين
  • *ڪشمير هر پاڪستاني جي دل ۾ ڌڙڪندو آهي ۽ وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس هڪ نئين رخ ۾ پيش ڪيو: ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار آفريدي * ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي لائن آف ڪنٽرول تي چَڪوٺِي سيڪٽر جو دورو ڪيو * جي او سي ميجر جنرل عامر احسن نواز شهريار آفريدي کي ايل ايو سي جو دورو ڪرايو ۽ بريفنگ ڏني *
  • *ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ ٽيم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري فرانزڪ لاءِ نمونا گڏ ڪري ورتا * ڪراچي: رينجرز جهاز حادثي ۾ هٿ آيل سامان پي آءِ اي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو *ڪراچي: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حادثي واري هنڌ کي مڪمل طور تي سيل ڪري رکيو آهي *
  • *ڪراچي: پنجاب مان آيل ٽيم جهاز حادثي بابت جاچ لاءِ آئي آهي، ان جو مڙهن جي سڃاڻپ سان ڪو تعلق نه آهي: سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو * ڪراچي: گورنر عمران اسماعيل پيش آيل سانحي تي سياست ڪرڻ ۽ بيان بازي کان پاسو ڪري: عذرا پيچوهو * ڪراچي: عمران اسماعيل کي ڄاڻ ئي نه آهي ته ڪراچي ۽ ڄامشوري ۾ فارنزڪ ليب موجود آهي: صحت واري وزير *
  • *لاڙڪاڻو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ فون تي رابطو * لاڙڪاڻو: مراد علي شاهه جي جهاز حادثي بعد امدادي ڪمن ۽ ڪورونا جي صورتحال بابت آگاهي لاڙڪاڻو: * بلاول ڀٽو زردار طرفان ٻارن ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار
  • *ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ شراب جا گتا کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي * ڪراچي: نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ عيد جي ٽئين ڏهاڙي کان شراب جا گتا کلي ويندا * ڪراچي: شراب جا گتا کولڻ لاءِ ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت احتياطي اپائن لاءِ قاعدا ۽ ضابطا پڻ جوڙيا ويا *
  • *صوبائي خودمختياري خلاف ڳالهائيندڙن جي دماغ جو مٿيون پاسو خالي آهي: مولا بخش چانڊيو*
  • *منهنجو دوست شهباز شريف خطري ۾ آهي، کيس مشورو آهي ته نيب ۾ وڃي پيش ٿئي: شيخ رشيد*
  • *مان چاهيان ٿو ته عوام هن ڀيري روايت کان هَٽِي ڪري عيد ملهائَي: وزيراعظم*
  • *عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي*

ڪراچي: ماڊل ڪالوني ڀرسان پي آءِ اي جو جهاز ڪري تباهه

واقعي کانپوءِ سول ايويئيشن اختيارين ايئرپورٽ ۽ ڀرپاسي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ايئرپورٽ ڀرسان پي آءِ اي جو جهاز ماڊل ڪالوني جي جناح گارڊن ۾ رهائشي عمارتن جي مٿان ڪري تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ 90 کان وڌي مسافر اجل جو شڪار ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.واقعي کانپوءِ سول ايويئيشن اختيارين ايئرپورٽ ۽ ڀرپاسي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي، پاڪ فوج، رينجرز، فائر برگيڊ ۽ ٻين ادارن جي ٽيمن علائقي کي سيل ڪري ريسڪيو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.واقعي واري هنڌ تان لاش ۽ ڪيترائي زخمي ماڻهو اسپتال ڏانهن منتقل ڪيا ويا، سي اي اي اختيارين موجب جهاز لاهور کان ڪراچي پهتو ته فني خرابي ٿيڻ سبب جناح گارڊ ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن ۾ 7 گهرن کي به نقصان پهتو.سول ايويئيشن اختيارين موجب پي ڪي 8303 جهاز جو لينڊگ کان هڪ منٽ اڳ ايئرڪرافٽ سان رابطو ڪٽجي ويو، جهاز 2 وڳي 37 منٽن تي ڪري تباهه ٿيو .سول ايوي ايشن اٿارتي موجب جهاز ۾ فني خرابي پيدا ٿي جهن جي ڪري لينڊنگ کان پهريان جهاز جا ٽائر نه کلي رهيا جنهن ڪري اڏام کي رائونڊ اپ جو چيو ويو ان دوران ڪري تباهه ٿي ويو.سول ايوي ايشن اٿارٽي موجب حادثي جو شڪار جهاز ۾ 90 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا جن ۾ 85 اڪانومي ڪلاس ۾، 6 بزنس ڪلاس جڏهن ته ڪجهه عملي جا ماڻهو شامل هئا. جن مان 51 مرد، 31 عورتون ۽ 9 ٻار به شامل آهن. جهاز ۾ سينيئر صحافي ۽ 24 چينل نيوز جو پروگرامنگ ڊائريڪٽر انصار نقوي به سوار هو .ذريعن موجب جهاز جي ڪپتان جو نالو سجاد گل آهي، جڏهن ته عملي ۾ عثمان اعظم، فريد احمد، عبدالقيوم اشرف، ملڪ عرفان رفيق ۽ مديحه ارم شامل آهن.پي آءِ اي ميڊيڪل يونٽ جي ڊاڪٽر مظهر چيو ته حادثي کان 15 منٽ اڳ پائلٽ جهاز ۾ خرقبي بابت آگاھ ڪيو، ان واقت جهاز ڪراچي جي حدن ۾ داخل ٿي چڪو هو.جهاز جي پائليٽ ۽ ٽريفڪ ڪنٽرول ٽاور وچ ۾ آخري رابطي جي آڊيو رڪارڊنگ به سامهون اچي وئي آهي ، جنهن ۾ جهاز جي پائليٽ هڪ انجڻ فيل هجڻ جو اطلاع ڏنو ۽ ”مي ڊي مي ڊي” جي ڪال ڏني هئي، جنهن تي پائيلٽ کي ٻڌايو ويو ته جهاز جي لينڊنگ لاءِ ٻه رن وي موجود آهن جنهن بعد جهاز جو رابطو ڪٽجي ويو ،جهاز ماڊل ڪالوني ويجهو جناح گارڊ وٽ آبادي تي جئين ئي ڪريو ته خوفناڪ باهه لڳي وئي، جنهن ڪري ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٽيليفون جون تارون به مڪمل طور تي تباهه ٿي ويون.شهرين جو چوڻ آهي ته جهاز ڪرڻ کان اڳ رهائشي عمارتن جي ڇتن سان ٽڪرائجي ويو جنهن سان ڪيترن ئي گهرن کي نقصان پهتو، گهرن جي ڇتن ۽ هيٺ بيٺل گاڏين کي به باهه لڳي وئي.جهاز حادثي واري جاءِ تي ريسڪيو آپريشن جاري آهي.صحت جي صوبائي وزير عذرا پيچوهو جهاز حادثي بعد ڪراچي جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ۽ هدايت ڪندي چيو ته زخمين جي علاج ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪئي وڃي .ڊي جي رينجز سنڌ ميجز جنرل عمر احمد بخاري جهاز حادثي جو هوائي دورو ڪيو .

Bookmark the permalink.