تازا ترين
  • *ٽنڊوباگو ويجهو زمين جي تڪرار تان جهيڙو،8ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل *ڳوٺ علي ترڪ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران 4 عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا *
  • وارهه ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، پيرسن فوت ٿي ويو *ماستر لاڙو وٽ حادثي ۾ پيرسن غلام مصطفيٰ گوگاڻي چانڊيو زخمي ٿي پيو *زخمي پيرسن لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ شهباز شريف خلاف مني لاندرنگ ڪيس، شريڪ جوابدارن جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار فضل داد عباسي ۽ شعيب قمر جي ضمانت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي *سپريم ڪورٽ ٻنهي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *ٻنهي جوابدارن تي شهباز شريف لاءِ سهولتڪاري ۽ مني لانڊرنگ جو الزام آهي*
  • *روشن سنڌ منصوبو ڪرپشن ڪيس: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نيب اسلام آباد آڏو پيش *نيب ٽيم طرفان جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي حوالي سان به وڏي وزير کان پُڇاڳاڇا * نيب طرفان وڏي وزير مراد علي شاهه آڏو سوالنامو پيش ڪيو ويو *
  • *فيض گنج ۾ پيٽرول پمپ مالڪن حڪومتي فيصلي کي ٿڏي ڇڏيو، وڌيڪ اگهه تي پيٽرول جو وڪرو *پمپ مالڪن پاران پيٽرول جو في ليٽر 77 کان 78 روپيا ۾ وڪرو،عوام سخت پريشان *
  • *تنگواڻي ۾ پئٽرول سستو ٿيڻ بعد پيٽرول پمپ بند *پئٽرول نه ملڻ سبب صارفين سخت پريشاني جو شڪار *
  • *ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ بحران پيدا ٿي ويو، ڪراچي سوڌو ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند، عوام پريشان*
  • *چونڊڪو ۾ رولو ڪتن نينگري کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *10ورهين جي ثمينا ڌي گلاب خاصخيلي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *نارو ۾ ٽن مهينن دوران ڪتن جي ڏاڙهيلن جو انگ500 ٿي ويو *
  • *بخشاپور ويجهو نوجوان کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏي *ڳوٺ محمد نواز چاچڙ واسي 24ورهين جي محراب علي چاچڙ کي رولو ڪتن ڏاڙهي وڌو *
  • *جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول ڀائرن جا پڪا چنا وٽ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو*
  • *پڪا چنا ڀرسان عورتن جي جهيڙي بعد جوابدارن فائرنگ ڪري 2 ڀائرن کي قتل ڪيو هو*
  • *سيوهڻ ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان قتل ڪيل 2 ڀائرن جي جنازي نماز ادا، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو*

ڪراچي مان عورت پوليس اهلڪار مبينا طور اغوا: لڄالٽ بعد کيس بيهوشي جي حالت ۾ حيدرآباد ڀرسان ڦٽو ڪيو ويو

هوش ۾ اچڻ بعد اهلڪار روبينا رڪشا ڪرائي سول اسپتال حيدرآباد پهتي

اسپتال ۾ ميڊيڪل چڪاس بعد حيدرآباد پوليس سندس بيان رڪارڊ ڪيو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڪراچي مان عورت پوليس اهلڪار کي مبينا طور اغوا بعد زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، جوابدار حيدرآباد ۾ بيهوشي واري حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار، ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ وومين پوليس اسٽيشن تي مقرر ليڊي پوليس اهلڪار روبينا زال امير احمد کي اڻڄاتل جوابدار مبينا طور رنڇوڙ لائين واري علائقي مان اغوا ڪيو بعد اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ بعد ۾ جوابدار کيس بيهوشي جي حالت ۾ باءِ پاس حيدرآباد وٽ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا. ڄاڻايل ليڊي پوليس اهلڪار پاڻمرادو رڪشا ۾ چڙهي سول اسپتال پهتي، جتي طبي امداد کانپوءِ سندس ميڊيڪل چڪاس به ڪئي وئي. اطلاع تي ايس ايس پي حيدرآباد عديل حسين چانڊيو به اسپتال پهتو، جڏهن ته مارڪيٽ پوليس پهچي ڄاڻايل ليڊي اهلڪار جو بيان ورتو. مارڪيٽ پوليس موجب مبينا طور اغوا بعد زيادتي جو شڪار بڻيل ليڊي پوليس اهلڪار ٻڌايو ته رحمان خان پٽ اڪبر خان سان سندن پئسن جي ڏيتي ليتي تي تڪرار هلندڙ آهي، جنهن جو ڪيس پڻ داخل ٿيل آهي. پوليس موجب اهلڪار روبينا ٻڌايو ته 2 ڏينهن اڳ هو ملير مان رنڇوڙ لائين جي اسپتال ۾ دوا لاءِ وئي ته هڪ گاڏي ۾ سوار ماڻهن کانئس ايڊريس معلوم ڪئي ۽ پوءِ کيس کيس گاڏي ۾ وجهي بيهوش ڪيو، هن ٻڌايو ته کيس جوابدارن اڻڄاتل هنڌ هڪ ڪمري واري گهر ۾ بند ڪري لڄالٽ جو نشانو بڻايو، ان گهر ۾ اهو شخص رحمان خان آيو. پوليس کي بيان ڏيڻ بعد ڪراچي جي نبي بخش ٽائون ٿاڻي جي پوليس حيدرآباد پهتي ۽ پاڻ کي ليڊي اهلڪار ظاهر ڪندڙ روبينا امير کي پاڻ سان گڏ وٺي وئي. اسپتال جي اي ايم ايس جنرل ڊاڪٽر شوڪت لاکو جو چوڻ آهي ته عورت جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪيو ويو آهي، جنهن جي رپورٽ هڪ ٻن ڏينهن ۾ ملي ويندي.

Bookmark the permalink.