تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

ڪراچي لڄالٽ واقعو : جوابدار جو طبي معائنو: 3 ڏينهن جو ريمانڊ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مقامي عدالت بلديه اتحاد ٽائون ۾ ذهني معذور عورت سان زيادتي ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار فيصل کي 3 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. مومن آباد پوليس گرفتار جوابدار فيصل کي جوڊيشل ميجسٽريٽ اولهه جي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت جوابدار کي 3 ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪندي حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدار جي ڊي اين اي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جڏهن ته گهربل جوابدار حميد کي گرفتار ڪري پيش ڪيو وڃي. ٻئي پاسي گرفتار جوابدار فيصل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آئون بيگناهه آهيان، منهنجي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ جوبدار حميد معذور عورت سان زيادتي ڪئي، جنهن وقت واردات ٿي، ان وقت آئون گهر هئس، پوليس منهنجو ميڊيڪل ڪرايو آهي، رپورٽ ۾ سموريون حقيقتون سامهون اچي وينديون.

Bookmark the permalink.