تازا ترين
  • *قاضي احمد ۾ پوليس طرفان لاڪ ڊائون جي مبينا ڀڃڪڙي جي الزام هيٺ هڪ عطائي ڊاڪٽر گرفتار*
  • *سکر جَي جهنگلي جيوت کاتي طرفان گهوٽڪي فيڊر ۽ رائيس ڪئنال ۾ لهي ويل 2 انڌيون ٻلهڻيون پڪڙي واپس سنڌو درياهه ۾ ڇڏيون ويون*
  • جيڪب آباد: ڳوٺ غلام صابر کوسو ۾ گهر جي ڀت ڪري پئي، هڪ ٻارڙو فوت، ٻيو زخمي
  • *ڪوٽ غلام محمد: ڪوٽ ميرس ڀرسان باهه لڳڻ سبب ٽن پورهيتن جا گهر سڙي ويا * ديهھ 282 ۾ باهه سبب محمد صالح شيخ، نديم ۽ مير محمد شيخ جي گهرن ۾ پيل اناج به سڙي رک *
  • *ڳڙهي خيرو: ڳوٺ پٺاڻ لهر ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل *جوابدار جاويد لهر پنهنجي سئوٽ ليلان ۽ نوجوان فقير محمد لهر کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو*
  • *ڪراچي ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪري مسافرن کي کڻي ويندڙ 51 گاڏيون پوليس قبضي ۾ وٺي ڇڏيون، ڊرائيورن تي ڪيس داخل *29 ڊرائيورن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيا ويا،گاڏين ۾ سوار مسافرن کي ڇڏيو ويو*
  • **پڊعيدن: نصرت ڪئنال مان تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش ھٿ **
  • *سنڌ جَي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ هڪ ڄڻو فوت، ٻارن ۽ عورتن سوڌو 12 زخمي*
  • *ٻانڌيءَ ويجهو سبزي کڻڻ لاءِ ويندڙ ٽرڪ اونڌي، 5 مزدور زخمي*
  • *ميهڙ ڀرسان عورت آپگهات جي ڪوشش دوران معصوم پٽ ماري ڇڏيو*
  • *رليف ڪميٽي طرفان گهرن تائين راشن پهچائڻ لاءِ مقامي نمائندن، عالمن ۽ استادن کان مدد وٺڻ جو فيصلو: عوام کي گهرن ۾ رهڻ جي اپيل * اُميد آهي ته وفاق سياست بدران رليف جي معاملي ۾ سنڌ حڪومت جي مدد ڪندو، عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: امتياز شيخ *
  • *عالمي بئنڪ پاران ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان پاڪستان لاءِ 238 ملين ڊالرز جي امداد منظور * ورلڊ بئنڪ جي بورڊ آف ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽرز پاران پاڪستان لاءِ امداد جي منظوري ڏني وئي * ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان 200 ملين ڊالرز ۽ طبي اوزارن ۽ سامان لاءِ اضافي 38 ملين ڊالرز منظور*
  • *ميرپورماٿيلو تعلقي اسپتال جي ڊاڪٽر جي مبينا غفلت: ڪورونا وائرس جي 2 مريضن کي ڊي ايڇ او اسپتال ڇڏيو ويو*
  • ** قمبر ۽ دادو ضلعن ۾ تيز برسات سبب هيٺاهينءَ وارا علائقا پاڻيءَ هيٺ، فصلن کي نقصان، بجلي بند * جوهي:کيرٿر تي برسات کان پوءِ نئين گاج 5 فوٽ وھي آئي، ڪاڇي جا مختلف واهه به ڀرجي ويا**
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب 53 هزار 238 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا*

سنڌ ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي وري تيز وسڪارو: موسم خوشگوار ٿي وئي، ڪڻڪ جي فصل کي نقصان

تيز برسات دوران هيٺانهن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، بجلي به بند ٿي وئي

ڪراچي ( نمائندن وٽان ) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات پوڻ سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، ڪڻڪ سميت ٻين فصلن کي نقصان پهچڻ ڪري آبادگارن جا هٿ مٿي تي اچي ويا آهن، ڪراچي، لاڙڪاڻي، ڪنڌڪوٽ، سکر، روهڙي، خيرپور، نوشهروفيروز، نواشاهه ۽ دادو سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ وسڪارو ٿيڻ ڪري موسم وڻندڙ ٿي وئي، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، قمبر، شهدادڪوٽ، پنو عاقل، گڊو، خانپور، غوثپور، رتوديرو، ڳڙهي ياسين، وڳڻ، ڳيريلو، موهن جو دڙو ۾ گجگوڙ سان وسڪارو ٿيو، پيرجوڳوٺ گمبٽ، راڻيپور، ڪنب، فيض گنج، ڪوٽ لالو، خانواهڻ، نوشهروفيروز، محرابپور، پڊعيدن، ٺاروشاهه، ڪنڊيارو، ڀرياسٽي، نوان جتوئي، مٺياڻي ۾ برسات کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي، ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهه، راڌڻ، جاتي، جوهي، واهي پانڌي، باڊھه، ٽنڊو غلام حيدر، ٺڪراٺو، سجاول،کورواھه، کڏڙو، ميرپورساڪرو، ڪڙيو گهنور، گلاب لغاري ۽ ڀرپاسي ۾ تيز برسات ٿيڻ ڪري موسم وڻندڙ ٿي وئي، جڏهن ته برسات سبب کرن ۾ پيل ڪڻڪ کي نقصان پهچڻ ڪري آبادگارن جا هٿ مٿي تي اچي ويا آهن، مينهنَ جو بهانو هٿ ايندي ئي حيسڪو ۽ سيپڪو انتظاميا اڪثر علائقن جي بجلي بند ڪري ڇڏي، جنهن سبب رهواسين کي سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.

Bookmark the permalink.