تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

“ڪراچي سنڌ آهي” جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز گروپ پاران هن سال ايڪتا ڏهاڙو “ڪراچي سنڌ آهي” جي سري هيٺ سنڌ جي عوام سان گڏجي ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايڪتا جو ڏهاڙو هر سال ڊسمبر مهيني جي پهرين آچر تي ملهايو ويندو آهي، هن ڀيري اهو ڏهاڙو 6 ڊسمبر تي ملهائڻ لاءِ تياريون شروع ڪيون ويون آهن، هيل ايڪتا جو ڏهاڙو “ڪراچي سنڌ آهي” جي سري هيٺ ملهايو ويندو ۽ انهي پيغام کي عام ڪيو ويندو ته ڪراچي شهر سنڌ جي دل آهي. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ پرامن ۽ محبت ڪندڙ ماڻهن جو ديس آهي، جيڪي هر قسم جي تعصب ۽ نفرت کان بالاتر ٿي سدائين سنڌ جي خوشحالي لاءِ جاکوڙيندا رهيا آهن، ايڪتا ڏهاڙي جو مقصد پنهنجي ڌرتي، ثقافت ۽ ٻولي سان محبت جو اظهار ڪرڻ آهي، تنهنڪري اهي توقع رکن ٿا ته جيڪي ماڻهو سنڌ جي دل ڪراچي تي ڪا ميري اک رکن ٿا، اهي پڻ هن اجتماع ۾ شريڪ ٿي چوندا ته “ڪراچي سنڌ آهي“ ، هر سال جيان هن سال به سنڌ توڙي ڏيساور ۾ رهندڙ ماڻهو سنڌ ڌرتي، ٻولي ۽ ثقافت سان پنهنجي محبت جي اظهار طور زبردست ميڙا مچائيندا، انهي اميد سان ته شل ايندڙ سال سنڌ سميت پوري عالم جي ڀلائي ۽ سڪار جو سال ثابت ٿئي هوڏانهن ٽائيم نيوز جي پروگرام اوپينين وٿ علي قاضي ۾ ڳالهائيندي ناليواري تجزئي نگار علي قاضي چيو آهي ته منهنجي خواهش آهي ته سنڌ واسي ڪراچي پهچي پنهنجي شهر سان محبت جو اظهار ڪن.

Bookmark the permalink.