تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾وسڪارو:بجلي غائب

حيدرآباد،نوابشاهه،بدين،ميرپورخاص، ڄامشورو، عمرڪوٽ، خيرپور، ٿر ۽ مٽياري ضلعن جي ڪيترن ئي علائقن ۾ وسڪارو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي هنڌن تي تيز وسڪاري سبب بجلي جو نظام ڌرم برهم ٿي ويو. ڪراچي ۾ طوفاني برساتن بعد اڪثر علائقن توڙي روڊ رستن تي وري گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو. حيدرآباد، ٺٽو، شهيد بينظير آباد، بدين، ميرپورخاص، ڄامشورو، عمرڪوٽ، خيرپور، سانگهڙ، ٿرپارڪر ۽ مٽياري ضلعن جَي ڪيترن ئي علائقن ۾ تيز هوا سان وسڪارو جاري آهي. موسميات کاتي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ تيز برساتن بعد شهري ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي ته تيز برسات جو سلسلو ڇنڇر تائين جاري رهي سگهي ٿو.

Bookmark the permalink.