تازا ترين
  • ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان کي فيبروري تائين گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو *
  • *وفاقي حڪومت آرڊيننس پاڻ واپس نه ورتو ته سينيٽ ۾ اُن کي رد ڪرايو ويندو، سنڌ حڪومت به آرڊيننس رد ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي: وڏو وزير*
  • *وفاقي سرڪار طرفان ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطا جاري رهڻ جي دعويٰ*
  • *ڪراچي واقعي ۾ جعلي حڪومت صوبائي خودمختياري سوڌو پاڻ تي به حملو ڪيو آهي: مريم نواز*

ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ ايف آءِ اي جي ڪارروائي: پورنو گرافي گروهه جي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

متاثر عورت جي شڪايت تي اختيارين ڇاپو هڻي جوابدار فضل قادر کي گرفتار ڪري ورتو

نوڪري جو ڏٽو ڏئي نارين کان غيراخلاقي عمل ڪرائيندڙ گروهه جا 35 ڄڻا ملڪ ۾ سرگرم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ ايف آءِ اي ڪارروائي ڪري پورنو گرافي گروهه جي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايف آءِ اي عملدار موجب متاثر عورت جي شڪايت تي گلشن اقبال واري علائقي ۾ ڇاپو هڻي جوابدار فضل قادر کي گرفتار ڪري موبائيل، ڪمپيوٽر ۽ اليڪٽرانڪ ڊوائيسز تحويل ۾ ورتا ويا. ايف آءِ اي عملدار موجب نوڪري جو ڏٽو ڏئي نارين کان غيراخلاقي عمل ڪرائيندڙ گروهه جا 35 ڄڻا ملڪ ۾ سرگرم آهن، گروهه عورتن کي اپليڪيشن ذريعي بين الااقوامي ڪلائنٽس سان به رابطو ڪرائيندو هو. ايف آءِ اي موجب گروهه مختلف اخبارن ۾ پارٽ ٽائيم نوڪري جو اشتهار ڏئي گهر ويٺي 40 هزار پگهار ڏيڻ جو ڏٽو ڏئي غيراخلاقي عمل ڪرائيندو هو. غير اخلاقي وڊيو ڪالنگ تي ڪرنسي جي نالي نارين کي ڊائمنڊ ڏنا ويندا هئا جڏهن ته ڊائمنڊ جي حساب سان نارين کي پگهار ڏني ويندي هئي. ايف اي آءِ موجب پورنوگرافي واري اپليڪيشن هڪ عورت رمشا جي ملڪيت آهي ۽ جوابدار فضل قادر سندس پارٽر آهي، اپليڪيشن جي مالڪ رمشا سميت ٽن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي.

Bookmark the permalink.