تازا ترين
  • *راڌڻ: ٿرڙي محبت ويجهو ٻٽ ٻڌل جوابدار پاران 8 سالن جي معصوم ٻارڙي آصفه جانوري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش*
  • *ڪراچي: آصف زرداري ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل*
  • *ڪراچي/حيدرآباد: حڪومت پوليو تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام: سنڌ ۾ پوليو جا وڌيڪ 2 ڪيس ظاهر، هلندڙ سال انگ 16 ٿي ويو * ڪراچي/حيدرآباد: ميرپورخاص شهر جي نينگر عرفان سيال ۽ ڊگهڙي ويجهو نينگر ريحان کي پوليو جي تصديق *
  • *ڪراچي: اڻڄاتل ماڻهن عزيز آباد جي جناح گرائونڊ ۾ يادگارِ شهداء کي ڊاهي ڇڏيو * ڪراچي: نسل پرست طبقو ان تخريبڪاري ۾ ملوث ٿي سگهي ٿو، شرافت کي بزدلي ۽ ڪمزوري نه سمجهيو وڃي: خالد مقبول صديقي *
  • *ڪراچي: سنڌ اندر ڪاپي ڪلچر جون پاڙون مافيه جيان مضبوط ٿي ويون آهن، امتحاني مرڪزن جي نگراني لاءِ مئجسٽريٽ مقرر ڪيا وڃن: سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سيشن ججز کي حڪم * ڪراچي: عدالت سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پاليسي موجب جديد تعليم لاءِ 11 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، هر ٽئين مهيني بعد اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم * ڪراچي: پاليسي لاڳو ڪندڙن جا ٻار سرڪاري اسڪول ۾ نه ٿا پڙهن، تنهنڪري نظر انداز ڪيو ويو، ناڪامي تي توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي: عدالت *
  • *ٽنڊي آدم ۾ ڀيڻ کي طلاق وٺرائڻ تان ڀيڻيوي تنوير چشتي پسٽل جا فائر ڪري سالَي 35 ورهين جي منور چشتيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو * ٽنڊوآدم: جوابدار تنوير گهرواري تي تشدد ڪندو هو، مقتول خلع لاءِ درخواست داخل ڪرائي: وارث * ٽنڊوآدم: واقعو گهرو اڻبڻت جو نتيجو آهي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن: پوليس *
  • *گمبٽ: ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر: عورت مجاهدان شيخ فوت، نينگري جويه شيخ سميت 3 زخمي*
  • *روهڙي: بيماري ۽ بي روزگاري کان تنگ اچي نوجوان 30 ورهين جي سيد منصور حسين پٽ غلام شاھ درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: رتوديرو ڀرسان راولپنڊي واسڻ عورت لاوارث حالت ۾ هٿ، ٽرسٽ حوالي*
  • *ڪنڌڪوٽ واسي نوجوان غلام مصطفيٰ پٽ پير بخش گولو جي اغوا جي تصديق، وارثن سان فون تي رابطو، بازيابي لاءِ ڪوششون وٺڻ تي زور * ڪنڌڪوٽ: مغوي نوجوان غلام مصطفيٰ گولو پنهنجي چاچي کي فون ڪري اغوا بابت ٻڌايو * ڪنڌڪوٽ: نوجوان 15 ڏينهن اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪنڌڪوٽ ڀرسان کنڀجي ويو هو *
  • *لکي غلام شاهه ويجهو اسڪول ۾ شاگردياڻي زيبا ڌيءُ استاد جاويد علي ڪلوڙ بيهوش، اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ويجهو چوري دوران هٿياربندن هٿان مارجي ويل نوجوان جي خون جو جرڳو: 27 لک رپيا ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ * تنگواڻي: سردار محبوب خان بجاراڻي جي سرپئنچي ۾ جرڳو، شاهه محمد جعفري تي الزام ثابت * تنگواڻي: جوابدار ڌر ڏنڊ جي رقم مان 2 لک رپيا ادا ڪري ڇڏيا، رهيل رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪندي *
  • چيف جسٽس طرفان پي آءِ سي ۾ هنگامن تي افسوس جو اظهار*وڪيل ۽ ڊاڪٽرز معتبر پيشا آهن، اُميد ته مستقبل ۾ به وري نه ٿيندو: چيف جسٽس آصف سعيد کوسه*
  • نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال کي سوڙهو ڪرڻ جون تياريون: نيب جا نارووال ۾ ڇاپا*
  • اٽارني جنرل انور منصور کي هٽائڻ لاءِ سُپريم ڪورٽ ۾ درخواست*انور منصور جي عمر 65 سالن کان وڌيڪ آهي: درخوست ۾ صدر، وزيراعظم ۽ ٻين کي ڌُر بڻايو ويو *

ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي مان اغوا ٿيل ناري دعا منگي جي بازيابي لاءِ مختلف شهرن ۾ مظاهرا

حيدرآباد، سکر، راڻيپور ۽ ٻين شهرن ۾ سياسي سماجي ڪارڪنن مظاهرا ڪيا

سازش تحت سنڌ ۾ اهڙا واقعا ڪيا وڃن ٿا، دعا منگي کي جلد بازياب ڪرايو: مطالبو

ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪراچي مان اغوا ٿيل قانون جي شاگردياڻي دعا منگي جي بازيابي لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا، اڳواڻن طرفان دعا منگي جي جلد بازيابي جو مطالبو ويو آهي.
سکر پريس ڪلب ٻاهران دعا منگي جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته دعا منگي کي ڪراچي جي پوش علائقي مان اغوا ڪيو ويو آهي پر افسوس پوليس ان کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام آهي. راڻيپور ۾ ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، پنج ڏينهن اڳ اغوا ٿيل قانون جي شاگردياڻي دعا منگي جي بازيابي لاءِ راڻيپور ۾ سول سوسائٽي ۽ عوامي اتحاد پاران غلام اصغر وساڻ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته پنج ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس قانون جي شاگردياڻي دعا منگي جو پتو نه لڳائي سگهي آهي، پوليس رڳو بيان رڪارڊ ڪرائڻ تائين محدود آهي، سنڌ ۾ نياڻين جي اغوا جا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد دعا منگي کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.
ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي مان اغوا ٿيل نياڻي دعا منگي جي بازيابي لاءِ لالو رائنڪ ۾ به سول سوسائيٽي طرفان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو،اڳواڻن چيو ته سنڌ اندر هڪ سازش تحت عورت دشمن مافيا سرگرم ٿي وئي آهي، روڊن رستن ۽ تعليمي ادارن اندر سنڌ جي نياڻين جو جيئڻ مشڪل ڪيو ويو آهي، دعا منگي کي جلد بازياب ڪرايو وڃي.
سنڌي ادبي سنگت شاخ ھالاڻي پاران سنڌ جي نياڻي دعا منگي جي بازيابي ۽ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ نياڻين کي تحفظ فراھم ڪرڻ لاءِ ريلي ڪڍي وئي، دعا منگي جي جلد بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو، موري ۾ به جسقم ۽ ايس اين پي پاران ڪراچي جي نياڻي دعا منگي جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته دعا منگي کي ڪافي ڏينهن گذري ويا آهن پر ڪراچي پوليس هن مهل تائين هُن کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي.

Bookmark the permalink.