تازا ترين
  • حڪومت ٻڌائي ته بزرگ شهرين کي ڪهڙيون سهولتون مليون؟سنڌ جي هر ضلعي ۾ اولڊ ايج هومز ٺاهڻ ۽ بزرگ شهرين کي طبي سهولتون ڏيڻ جو حڪم*سنڌ سرڪار اولڊ ايج هومز ٺاهڻ لاءِ گهربل فنڊز جاري ڪري: سنڌ هاءِ ڪورٽ بزرگ شهرين لاءِ طبي سهولتون يقيني بڻائڻ جو به حڪم ڏنو*بزرگ شهرين کي سندن قانون جو به پتو ناهي: عدالت طرفان قانون تي عمل لاءِ جاڳرتا مهم هلائڻ ۽ شڪايتون ٻڌڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم*
  • لاهور اسپتال تي حملي ۾ گرفتاريون: پنجاب ۾ وڪيلن جي هڙتال*پنجاب بار ڪائونسل جي سڏ تي سموري صوبي ۾ وڪيلن جي هڙتال، مظاهرا ۽ ريليون*

ڪراچي جي پارڪ ۾ کوٽائي دوران وڏي تعداد ۾ انساني هڏا هٿ: پوليس نجي اسپتال جو گند ڪچرو قرار ڏئي ڇڏيو

گرين لائين سروسز لاءِ کوٽائي دوران انو ڀائي پارڪ مان انساني هڏا هٿ ڪيا ويا

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ڪراچي ۾ گرين لائين بس سروسز لاءِ کوٽائي دوران پارڪ مان انساني هڏا هٿ ڪيا ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته پارڪ جي ڀرسان موجود اسپتال ۾ آپريشن دوران گڏيل ٿيل انساني گند کي زمين ۾ پوريو ويو هو. ناظم آباد نمبر 3 جي هڪ نجي اسپتال ڀرسان موجود انو ڀائي پارڪ ۾ کوٽائي دوران وڏي تعداد ۾ انساني هڏا هٿ ڪيا ويا آهن، پوليس دهشتگردي جي تاثر کي رد ڪندي چيو آهي ته اسپتالن ۾ ماڻهن جي آپريشنز جو گند ۽ باقيات آهي، جڏهن ته نجي اسپتال انتظاميا به اهڙي دعويٰ ڪري رهي آهي.
ايس ايس پي سينٽرل عارف اسلم جو چوڻ آهي ته انو ڀائي پارڪ ۾ هن وقت گرين لائين بس سروسز جي حوالي سان کوٽائي جاري آهي، جنهن دوران مختلف هنڌن تي ڪپڙي پُراسرار رول ۽ ڳٺڙيون هٿ آيون آهن، ٺيڪيدار طرفان اطلا ڏيڻ بعد پوليس پهتي ۽ انساني هوڏا توڙي ڪپڙي جون ڳٺڙيون تحويل ۾ وٺي ڇڏيون.
انساني ڍانچو ناهي مليو
ايس ايس پي سينٽرل دعويٰ ڪئي آهي ته پارڪ مان ڪوبه انساني ڍانچو نه مليو آهي، ڪپڙي ۾ ويڙهيل جسم جا مختلف حصا ۽ ننڍڙي سائيز وارا هڏا هٿ آيا آهن، شروعاتي طور معائنو ڪرڻ سان اندازو ٿئي ٿو ته اهو نجي اسپتال جو گند ڪچرو آهي، جيڪو آپريشن دوران گڏ ٿيو. پوليس جو چوڻ آهي ته پارڪ سان گڏ هڏن جي مشهور اسپتال موجود آهي، جنهن جي انتظاميا ماضيءَ ۾ مختلف آپريشنز دوران ڪٽيل انساني عضوا پارڪ ۾ ٺڪاڻي لڳائڻ جي تصديق ڪئي آهي.

Bookmark the permalink.