تازا ترين
  • ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان کي فيبروري تائين گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو *
  • *وفاقي حڪومت آرڊيننس پاڻ واپس نه ورتو ته سينيٽ ۾ اُن کي رد ڪرايو ويندو، سنڌ حڪومت به آرڊيننس رد ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي: وڏو وزير*
  • *وفاقي سرڪار طرفان ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطا جاري رهڻ جي دعويٰ*
  • *ڪراچي واقعي ۾ جعلي حڪومت صوبائي خودمختياري سوڌو پاڻ تي به حملو ڪيو آهي: مريم نواز*

ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ ايف آءِ اي جي ڪارروائي: ناري کي مبينا طور بيلڪ ميل ڪندڙ موبائل فونز جو مستري گرفتار

ايف آءِ اي نجي شاپنگ مال وٽ ڇاپو هڻي موبائل فونز جي مستري زاهد کي گرفتار ڪيو

ڪورنگي واسڻ ناري جي شڪايت تي جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: ايف آءِ اي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ناري کي بليڪ ميل ڪرڻ جي الزام ۾ موبائل فونز جو مستري کي گرفتار ڪيو ويو. ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم جي ٽيم گلستان جوهر ۾ نجي شاپنگ مال وٽ ڇاپو هڻي موبائل فونز جي مستري زاهد عرف امان کي گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي موجب گرفتار مستري وٽان هٿ آيل موبائل مان غيراخلاقي مواد مليو آهي. گرفتار جوابدار خلاف ڪورنگي واسڻ ناري شڪايت ڪندي ڄاڻايو هو ته ڄاڻايل مستري کان موبائيل رپيئرنگ ڪرائڻ ويس ته ٻنهي ۾ دوستي ٿي ۽ جنهن بعد هنن شادي ڪرڻ جو سوچيو هو. ناري موجب 4 مهينن بعد سندس ماءُ مستري سان رابطو ڪيو جنهن تي هن شادي کان انڪار ڪري کيس بليڪ ميل ڪندو رهيو. ايف آءِ اي موجب گرفتار جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو

Bookmark the permalink.