تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

ڪراچي جي سائيٽ سپر هاءِ وي تي مبينا مقابلي ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سائيٽ سپر هاءِ وي تي مبينا مقابلي ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو، جڏهن ته گذريل ڏينهن هٿياربندن هٿان شهيد ٿيل اهلڪار جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب صوفيه ڳوٺ ويجهو ڏوهارين سان مقابلو ٿيو جنهن ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ 40 ورهين جي محمد شريف طور ٿي آهي. ٻئي پاسي ڪراچي جي منظور ڪالوني ۾ هٿياربندن هٿان شهيد ٿيل اهلڪار نعمان جو قتل ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. ڪانسٽيبل علي شير طرفان داخل ڪرايل ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. ڪيس جي فريادي علي شير چيو آهي ته گذريل ڏينهن سندس ڀاءُ ڊيوٽي تي ويو ته واپس نه موٽيو، فون ڪرڻ تي پتو پيو ته کيس گوليون هنيون ويون آهن. هن چيو آهي ته هٿياربند شهيد اهلڪار نعمان جو لائسنس وارو پستول به پاڻ سان گڏ کڻي ويا.

Bookmark the permalink.