تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ڪراچي جي خانگي اسڪول ۾ شاگردياڻي جي فوت ٿيڻ وارو مامرو: شروعات جاچ رپورٽ صوبائي وزير ڏانهن موڪلي وئي

شاگردياڻي صبح جو 7 لڳي 32منٽن تي اسڪول ۾ پهتي ۽ ڏاڪڻ تي بيهوش ٿي ڪري پئي:رپورٽ

اريبه کي ماسڪ پائڻ سان ساهه جي تڪليف ٿيندي هئي: اربيا جي امڙ جو بيان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي خانگي اسڪول ۾ شاگردياڻي اريبا جي فوت ٿيڻ وارو معاملو، سيڪريٽري تعليم طرفان معاملي جي شروعات جاچ رپورٽ صوبائي وزير ڏانهن اماڻي وئي، سيڪرٽري تعليم فوتي شاگردياڻي واري معاملي جي شروعاتي رپورٽ صوبائي وزير ڏانهن اماڻي ڇڏي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته شاگردياڻي صبح جو 7 لڳي 32منٽن تي اسڪول ۾ پهتي، شاگردياڻي ڏاڪڻ تي بيهوش ٿي ڪري پئي، سندس والدين کي اطلاع ڪرڻ بعد سندن انتظار ڪيو ويو، شاگردياڻي جي امڙ بيان ڏيندي چيو ته اريبه کي ماسڪ پائڻ سان ساهه جي تڪليف ٿيندي هئي.

Bookmark the permalink.