تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڪراچي جي ايس آءِ يو ٽي ۾ڪورونا وائرس جي چڪاس واريون ڪٽس ختم: چڪاس وارو عمل روڪيو ويو

وفاقي حڪومت کان جيئن ئي ڪٽس ملنديون ته ٽيسٽ جو عمل شروع ڪبو: ترجمان ايس آءِ يو ٽي

اسپتال ۾ سهولت 24 ڪلاڪ مفت فراهم ڪئي پئي وڃي: ايس آءِ يو ٽي انتظاميا

ڪراچي ( ڊيسڪ رپورٽ ) سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن ۾ ڪورونا وائرس جي چڪاس واريون ڪٽس ختم ٿي ويون، جنهن سبب اسپتال ۾ وائرس جي چڪاس ڪرڻ وارو عمل عارضي طور تي روڪيو ويو آهي. انتظاميا موجب ايس آءِ يو ٽي ۾ ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ لاءِ مفت سهولت موجود آهي، وفاقي حڪومت کان جيئن ئي ڪٽس ملنديون ته چڪاس وارو عمل شروع ڪيو ويندو. ايس آءِ يو ٽي ترجمان موجب اسپتال ۾ سهولت 24 ڪلاڪ مفت فراهم ڪئي پئي وڃي، آئيسوليشن وارڊ ۽ اسڪريننگ جي سهولت به موجود آهي.

Bookmark the permalink.