تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

ڪراچي جي اتحاد ٽائون ۾ نينگر جي بازيابي لاءِ ڪارروائي دوران مقابلي ۾ مارجي ويل هٿياربند جي افغان شهري هجڻ جو انڪشاف

هڪ ساٿي افغانستان مان نينگر جي وارثن کان ڀنگ طلب ڪري رهيو هو:گرفتار جوابدار

ڪراچي اسٽاف رپورٽر) اتحاد ٽائون ۾ نينگر جي بازيابي لاءِ ڪارروائي دوران مقابلي ۾ مارجي ويل هٿياربند افغان شهري هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل هٿياربندن جاچ دوران انڪشاف ڪيو ته سندن هڪ ساٿي افغانستان مان نينگر جي وارثن کان ڀُنگ طلب ڪري رهيو هو، جتان سندن نيٽ ورڪ منظم نموني هلي رهيو آهي. واضح رهي ته گذريل رات پوليس جي مقابلي ۾ 3 هٿياربند مارجي ويا هئا جن جو واسطو افغانستان ۾ هلندڙ نيٽ ورڪ سان ٻڌايو پيو وڃي. مقابلي دوران پوليس هڪ ڪروڙ رُپين جي ڀُنگ لاءِ اغوا ڪيل نينگر کي بازياب ڪرائي کي وارثن حوالي ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.