تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ڪراچي جي اتحاد ٽائون ۾ ذهني طور معذور عورت سان اجتماعي لڄالٽ واري واقعي ۾ گرفتار جوابدار ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

جوابدار حميد عورت کي سندس ڪارخاني تي وٺي آيو ۽ ساڻس لڄالٽ ڪئي:فيصل

عدالت فيصل جي ڊي اين اي رپورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي اتحاد ٽائون ۾ ذهني طور معذور عورت سان اجتماعي لڄالٽ واري واقعي ۾ گرفتار جوابدار ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي، مومن آباد پوليس جوابدار فيصل کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت فرار ٿيل جوابدار کي گرفتار ڪري جوابدار فيصل جي ڊي اين اي رپورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جوابدار فيصل ذهني طور معذور عورت سان لڄالٽ واري الزام کي رد ڪندي چيو آهي ته جوابدار حميد عورت کي سندس ڪارخاني تي وٺي آيو ۽ ساڻس لڄالٽ ڪئي، واقعي کانپوءِ حميد گُم ٿي ويو آهي، گذريل ڏينهن ٻن وحشي جوابدار جهُڳي ۾ رهندڙ غريب عورت کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ بعد فرار ٿي ويا هئا، پوليس ٻئي ڏينهن به فرار ٿيل جوابدار حميد کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام، پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر عورت جو مڙس مزدوري ڪندو آهي.

Bookmark the permalink.