تازا ترين
  • *ڪشمير هر پاڪستاني جي دل ۾ ڌڙڪندو آهي ۽ وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس هڪ نئين رخ ۾ پيش ڪيو: ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار آفريدي * ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي لائن آف ڪنٽرول تي چَڪوٺِي سيڪٽر جو دورو ڪيو * جي او سي ميجر جنرل عامر احسن نواز شهريار آفريدي کي ايل ايو سي جو دورو ڪرايو ۽ بريفنگ ڏني *
  • *ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ ٽيم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري فرانزڪ لاءِ نمونا گڏ ڪري ورتا * ڪراچي: رينجرز جهاز حادثي ۾ هٿ آيل سامان پي آءِ اي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو *ڪراچي: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حادثي واري هنڌ کي مڪمل طور تي سيل ڪري رکيو آهي *
  • *ڪراچي: پنجاب مان آيل ٽيم جهاز حادثي بابت جاچ لاءِ آئي آهي، ان جو مڙهن جي سڃاڻپ سان ڪو تعلق نه آهي: سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو * ڪراچي: گورنر عمران اسماعيل پيش آيل سانحي تي سياست ڪرڻ ۽ بيان بازي کان پاسو ڪري: عذرا پيچوهو * ڪراچي: عمران اسماعيل کي ڄاڻ ئي نه آهي ته ڪراچي ۽ ڄامشوري ۾ فارنزڪ ليب موجود آهي: صحت واري وزير *
  • *لاڙڪاڻو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ فون تي رابطو * لاڙڪاڻو: مراد علي شاهه جي جهاز حادثي بعد امدادي ڪمن ۽ ڪورونا جي صورتحال بابت آگاهي لاڙڪاڻو: * بلاول ڀٽو زردار طرفان ٻارن ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار
  • *ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ شراب جا گتا کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي * ڪراچي: نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ عيد جي ٽئين ڏهاڙي کان شراب جا گتا کلي ويندا * ڪراچي: شراب جا گتا کولڻ لاءِ ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت احتياطي اپائن لاءِ قاعدا ۽ ضابطا پڻ جوڙيا ويا *
  • *صوبائي خودمختياري خلاف ڳالهائيندڙن جي دماغ جو مٿيون پاسو خالي آهي: مولا بخش چانڊيو*
  • *منهنجو دوست شهباز شريف خطري ۾ آهي، کيس مشورو آهي ته نيب ۾ وڃي پيش ٿئي: شيخ رشيد*
  • *مان چاهيان ٿو ته عوام هن ڀيري روايت کان هَٽِي ڪري عيد ملهائَي: وزيراعظم*
  • *عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي*

ڪراچي جهاز حادثو: فوتين جو انگ 97 ٿي ويو، 2 زخمي

ڪراچي/ اسلام آباد (اسٽاف رپورٽر/بيورو رپورٽ) ڪراچي ايئرپورٽ تي لينڊنگ کان هڪ منٽ اڳ ماڊل ڪالونيءَ ۾ ڪري تباهه ٿيل جهاز جي ملبي مان 97 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جناح اسپتال ۾ 16 ۽ سول اسپتال ۾ ٽن لاشن جي سڃاڻپ ٿي وئي، سمورا مڙهه سرد خاني منتقل ڪيا ويا. گذريل ڏينهن لاهور کان ڪراچي ايندڙ پي آءِ اي جو جهاز لينڊنگ دوران ماڊل ڪالوني جي علائقي جناح گارڊن جي آبادي تي ڪري تباهه ٿيو جنهن ۾ 91 مسافرن سميت 7 عملي جا ماڻهو سوار هئا. صحت کاتي موجب 66 ڄڻن جا لاش جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا جن ۾ 20 عورتون، 43 مرد ۽ 3 ٻارڙا شامل آهن، سمورن لاشن جا پوسٽ مارٽم ڪيا ويا جن مان 16 لاشن جي سڃاڻپ ٿي آهي. صحت کاتي جو چوڻ آهي ته سول اسپتال ۾ 31 لاش منتقل ڪيا ويا جن ۾ 6 عورتون ۽ 25 مرد شامل آهن، 31 لاشن مان صرف ٽن ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي سگهي آهي . ٻئي پاسي آءِ ايس پي آر 97 لاش ڪڍڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته حادثي ۾ 2 ڄڻا محفوظ رهيا ۽ 25 گهرن کي ڪليئر قرار ڏنو ويو آهي. ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته جناح ۽ سول اسپتال مان سمورا لاش کڻي ايڌي سرد خاني سهراب ڳوٺ ۽ ايف ٽي سي ڇيپا سرد خاني منتقل ڪيا ويا جتي پنهنجن پيارن جا لاش وصول ڪرڻ لاءِ وارث به پهتل آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته 40 مڙهه ايڌي سردخاني ۽ 35 لاش ڇيپا سردخاني ۾ پيل آهن، ايڌي سردخاني مان 3 ۽ ڇيپا سردخاني مان 5 لاشن جي سڃاڻپ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا آهن. ٻئي پاسي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ لاشن جي سڃاڻپ لاءِ ٽي رڪني ٽيم جوڙي ڇڏي آهي. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي انويسٽي گيشن ڪورنگي جنيد احمد ٽيم جو سربراهه هوندو، ڊي ايس پي رستم سول اسپتال ۾ مقرر هوندو ۽ جناح اسپتال ۾ ڊي ايس پي آفتاب عالم ڊيسڪ جي نگراني ڪندو. هوڏانهن پي آءِ اي چيئرمين ائير مارشل ارشد ملڪ چيو آهي ته حادثي جو شڪار ٿيلن جي وارثن سان رابطي ۾ آهيون، فوتين جي وارثن کي سڃاڻپ جو عمل مڪمل ٿيڻ تائين کين ائيرپورٽ هوٽل تي رهائش فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته نادرا کان آڱوٺن ذريعي فوتين جي سڃاڻپ ڪرائي پئي وڃي، ڪجهه ماڻهن جا مڙهه سڃاڻپ جوڳا ناهن جنهن ڪري ڊي اين اي ذريعي سڃاڻپ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.