تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڪراچي جا شهري ۽ سُپريم ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ مان مطمئن ناهن، سيڙپڪاري جي نالي تي شهرين مٿان وڌيڪ بار نٿو وجهي سگهجي:نيپرا

ڪي اليڪٽرڪ سيڙپڪاري جا هدف پورا نه ڪيا، اسان ته برسات دوران به ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ ڏٺي: نيپرا چيئرمين جون ڳالهيون

بجلي جي ٽرانسميشن ۽ ورڇ تي سيڙپڪاري ڪرڻ گهرون ٿا، فيڊرز جي حفاظت لاءِ بجلي بند ڪئي هئي: ڪي اليڪٽرڪ سي اي او

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيپرا چيئرمين چيو آهي ته ڪراچي جا شهري ۽ سُپريم ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ مان مطمئن نه آهن، ڪي اليڪٽرڪ جي چوڻ تي سيڙپڪاري جي نالي تي شهرين مٿان وڌيڪ بار نٿو وجهي سگهجي، ڪي اليڪٽرڪ طرفان بجلي مهانگي ڪرڻ لاءِ داخل درخواست تي نيپرا ۾ ٻڌڻي ٿي، نيپرا چيئرمين چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ سيڙپڪاري جا هدف پورا نه ڪيا ۽ ڪٿي به سيڙپڪاري جا اثر نظر نٿا اچن، اسان ته برسات دوران به ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ ڏٺي، ڪي اليڪٽرڪ جي سي سي او ٻڌڻي دوران چيو ته مستقبل ۾ بجلي جي ٽرانسميشن ۽ ورڇ تي سيڙپڪاري ڪرڻ گهرون ٿا، برسات دوران فيڊرز جي حفاظت لاءِ بجلي بند ڪئي وئي هئي، ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي واسين لاءِ بجلي هڪ رُپيو 54 پئسا مهانگي ڪرڻ جي درخواست نيپرا ۾ داخل ڪئي هئي.

Bookmark the permalink.