تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ڪراچي: تاريخي ڊي جي ڪاليج جي گرائونڊ جي ڀت ڊاهڻ خلاف ڌرڻو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي تاريخي ڊي جي سائنس ڪاليج جي استادن ۽ سنڌ پروفيسرز ۽ ليڪچرر ايسوسيئيش ن (سپلا ) جي اڳواڻن الزام هنيو آهي ته قانون لاڳو اهلڪارن جناح ڪورٽس سان لڳندڙ ڊي جي سائنس ڪاليج جي گرائونڊ جي ديوار ڊاهي ڇڏي آهي، ديوار ڊهڻ جي اطلاع تي پرنسپال جي اڳواڻي ۾ استادن وڏي انگ ۾ پهچي گرائونڊ تي ڌرڻو هنيو استادن موجب احتجاج کانپوءِ هڪ آفيسر استادن کي گھرائي ڳالهيون ڪيون، ڳالهين ۾ ڊي جي سنڌ گورنمينٽ ڪاليج جو پرنسپال شهزاد مسلم، ڪامرس ڪاليج جو پرنسپال سيد سرور علي شاهه ۽ پروفيسر قاسم راڄپر شامل هئا. ڳالهين دوران اختيارين استادن کي ٻڌايو ته اسان کي هيڊ ڪوارٽر جي پوئين پاسي کان رستي جي ضرورت آهي، اسان چاهيون ٿا ته گيٽ ٺاهيون، جنهن تي استادن چيو ته گرائونڊ ڪاليج جي ملڪيت آهي، انهي گرائونڊ ۾ شاگرد رانديون ڪن ٿا، ڪاليج جي ملڪيت تي گيٽ ٺاهڻ نه ڏينداسين. استادن موجب اختيارين استادن جي موقف جي تائيد ڪندي ته اسان اوهان کي ديوار ٺاهي ڏينداسين، جنهن تي استادن جي وفد چيو ته ديوار اسان پاڻ ٺاهينداسين، ڳالهين بعد استاد ڊاٺل ديوار ٻيهر تعمير ڪرائڻ آيا ته اهلڪارن کين روڪي ورتو، جنهن تي استادن ٻيهر گرائونڊ تي ڌرڻو هنيو. استادن اعلان ڪيو ته اڄ وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو، ڪلاس رومن بدران تدريسي عمل گرائونڊ تي ئي شروع ڪيو ويندو، هوڏانهن ڪاليج جي وائيس پرنسپال پاران ڊائريڪٽر ڪاليجز کي خط لکي سڄي صورتحال بابت آگاهي ڏني وئي آهي

Bookmark the permalink.