تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

ڪراچي بار ۾ اختلاف تيز، نائب صدر پاران صدر کي شوڪاز

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي بار ايسوسيئيشن ۾ اختلاف وڌي ويا، بار جي نائب صدر عبدالقدير مهر، صدر منير اي ملڪ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، بار جي نائب صدر منير ملڪ طرفان جاري ڪيل پريس ريليز بابت جواب طلب ڪري ورتو آهي. جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته توهان جي پريس ريليز سان وڪيلن جي تقسيم ٿيڻ جو تاثر پيدا ٿيو، توهان وڪيلن جي مدد نه ڪرڻ ۽ مرتضيٰ وهاب جي رويي خلاف عدالتي بائيڪاٽ جي خلاف پريس ريليز جاري ڪئي، شوڪاز نوٽيس ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته جنرل باڊي ۽ احتجاج سميت سمورن فيصلن ۾ توهان جي مشاورت شامل هئي، توهان جنرل باڊي جي اجلاس دوران حملو ڪندڙن جو ساٿ ڏنو. ياد رهي ته ڪورونا وبا دوران سنڌ حڪومت طرفان فنڊ جاري ٿيڻ سبب ڪراچي بار جي جنرل باڊي جي اجلاس دوران پيپلز لايرز فورم ۽ ڪراچي بار جي وڪيلن ۾ مرتضيٰ وهاب جي ذڪر تي ڏند چڪ ٿي هئ،ي جنهن تي ڪراچي بار مرتضيٰ وهاب جي 3 مهينن لاءِ رڪنيت به معطل ڪري ڇڏي هئي ۽ جنرل سيڪريٽري حڪومت خلاف احتجاج جو اعلان ڪيو هو. جنهن بعد ڪراچي بار جي صدر منير اي ملڪ پريس ريليز جاري ڪري حڪومت خلاف احتجاج کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي هئي.

Bookmark the permalink.