تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ڪراچي۾جماعت اسلامي جي ريلي تي بم ڌماڪو:39ڄڻا زخمي

گلشن اقبال ۾ بيت المڪرم مسجد وٽ موٽرسائيڪل سوارن جو ريلي تي دستي بم حملو:علائقو سيل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ بيت المڪرم مسجد وٽ جماعت اسلامي جي ريلي تي دستي بم سان حملو ڪيو ويو. ڌماڪي ۾ 39ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس موجب موٽرسائيڪل سوار ريلي مٿان دستي بم اڇلائي فرار ٿي ويا. واقعي واري هنڌ پوليس ۽ رينجرز جا جوان پهچي ويا. ڌماڪي بعد ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. ڌماڪي جي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. جماعت اسلام جي اڳواڻ حافظ نعيم پاران ڌماڪي جي مذمت ڪئي.

Bookmark the permalink.