تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ڪراچي:بلوچ ڪالوني ۾ 2 ماڙ تان اڇلايل تازي ڄاول ٻارڙي معجزاڻي طور بچي وئي،پيءُ ۽ ڌيءِ گرفتار

گرفتار ٿيلن تي ڪيس داخل،رمضان ڇيپا ٻارڙي کي هنج وٺي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جِي بلوچ ڪالوني ۾ ٻه ماڙ عمارت تان اڇلايل تازِي ڄاول ٻارڙِيءَ معجزاڻي طور بچي وئي، اَبهَم نياڻي جِي اک کي معمولي نقصان پهتو، پوليس ٻارڙي جِي ماءُ نجمه ۽ نانَي ممتاز کوکر کي گرفتار ڪري ورتو، سرڪار جِي مدعيت ۾ ڪيس داخل، رمضان ڇيپا واقعي وارَي هنڌ پهچي ٻارڙي کي هنج ورتو، پريس ڪانفرنس دوران رمضان ڇيپا چيو ته هُو ٻارڙي جِي سار سنڀال ڪندا، پوليس موجب ناري ۽ سندس پيءُ ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي، ويم ڪرائيندڙ خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي.

Bookmark the permalink.