تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ڪجهه سياسي يتيم ۽ نابالغ آئين جي آرٽيڪل 149 تحت ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن:وڏو وزير

سياسي يتيمن جون ڳالهيون پاڻي جي ڦوٽي وانگر آهن،جيڪي وقت سان گڏ ختم ٿي وينديون

گٽر نالا بند ڪندڙن ۾ هٿ وجهون ٿا ته سياسي انتقام جو شوشو ڇڏيو وڃي ٿو:دورن دوران ڳالهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪجهه سياسي يتيم ۽ نابالغ آئين جَي آرٽيڪل 149 تحت ڪراچي کي وفاق جَي حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، اُهي ڳالهيون پاڻي جَي ڦوٽَي وانگر آهن، جيڪِي وقت سان گڏ ختم ٿي وينديون، سنڌ جَي وڏي وزير چيو آهي ته سمجھه کان ٻاهر آهي، جنهن کي سمجهه ۾ اچي وڃي ته مونکي به سمجهائَي، هينئر به وفاق طرفان ڪيترائي سونپيل ڪم نٿا ڪريون، تسليم ڪيون ٿا ته ڪراچي ۾ صفائي معاملي تي ڪوتاهيون ٿيون آهن، گٽر نالا بند ڪندڙن ۾ هٿ وجهون ٿا ته سياسي انتقام جو شوشو ڇڏيو وڃي ٿو: وڏي وزير ڪراچي جي مختلف علائقن جي دورن دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته، تازين برساتن دوران گرين لائين منصوبي سبب سينٽرل ضلعي ۾ مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو، ورلڊ بينڪ ڪراچي لاءِ هڪ رپيو به ناهي ڏنو………

Bookmark the permalink.