تازا ترين
  • *خيبرپختونخواهه ۾ ٽن وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وئي*
  • *ڪٿي به ناهي لکيو ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن وڌي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو*
  • *ڪرمپور ڀرسان ڌاڙيل ڳوٺاڻي کي مبينا اغوا ڪري ويا: اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جون ڌُريون مورچابند: فائرنگ: علائقي ۾ خوف*
  • *ٺٽو ڀرسان ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي پوليس پڪٽ ۾ ڪاهي پئي*
  • *حيدرآباد جي گُم ڄاڻايل ناري نئون ڪوٽ ۾ پوليس کي هٿ: اغوا ڪري وڪرو ڪيو ويو هو: نجمه خاصخيلي*
  • *اڳڙا ڀرسان مبينا مقابلو: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي*
  • *ريلوي کاتي جا جُڳاڙ: خيرپور ۾ ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي: مسافرن جون دانهون*
  • *جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ملير واسين جي گاڏي سان حادثو پيش آيو، 8 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *ڳاڙهو لڳ گاڏي سِم نالي ۾ ڪري پئي: 30 کان وڌيڪ زخمي*

ڪتابن مٿان پير رکڻ تي سيلينا گومز ڏچي ۾ پئجي وئي

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور شخصيتن جو ڏچي ۾ پوڻ هڪ عام ڳالهه آهي هو نه رڳو پنهنجي بيانن پر ٻين سببن جي ڪري به ڏکيائين کي منهن ڏين ٿيون. تازو سيلينا گومز سان به ڀارتي ماڻهو ڪاوڙجي پيا آهن ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي ڪاوڙ جو اظهار به ڪري رهيا آهن. تازو سيلينا گومز جو هڪ اشتهار سامهون آهي جنهن ۾ هو ڪتابن مٿان بيٺل نظر اچي رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڀارتي مداح مٿس ڪاوڙجي پيا آهن. اهو اشتهار پوما ڪمپني پڻ پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي رکيو جنهن تي صارفين ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. تصوير تي پنهنجو رد عمل ظاهر ڪندي صارفين جو چوڻ هو ته مهرباني ڪري ڪتابن جي بي عزتي نه ڪريو، علم مقدس آهي، اسان کي ان جو احترام ڪرڻ گهرجي. هڪ ٻئي صارف لکيو ته هو ڪتابن تي ڇو بيٺي آهي؟ هڪ صارف جو چوڻ هو ته ڪتابن تي پير نه رکو، هندن لاءِ ڪتاب مقدس شئي آهن ۽ اسان انهن جي پوڄا ڪندا آهيون. صارفين اهو به لکيو ته هندو مذهب ۾ ڪتابن کي ديوي سرسوتي سمجهيو ويندو آهي. اوهان اهڙي ريت اشتهارن ذريعي اسان جي ثقافت جي توهين ڪري رهيا آهيو.



Bookmark the permalink.