تازا ترين
  • *گهوٽڪي: قومپرست پارٽين جي 25 کان وڌيڪ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان *اسان جو اڄ کان ڪنهن به قومپرست پارٽي سان تعلق نه آهي: خادم سولنگي/عبدالطيف گهوٽو ۽ ٻيا*
  • *جيڪب آباد: ڪوريجا شاخ واسي پورهيت 40 ورھين جو اوشاق کوکر عورتاڻي آواز ۾ ھرکجي اغوا *نوجوان کي عورتاڻي آواز ۾ 3 ڏينھن اڳ گھرائي گهوٽڪي وٽان اغوا ڪيو ويو: وارث*
  • *سکر: قومپرست جماعتن جي 60 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان *اڄ کان قومپرست جماعتن سان اسان جو ڪو به تعلق ناهي: لياقت چني ۽ ٻين جي پريس ڪانفرنس*
  • *اسلام آباد ۾ سمورن اڏاوتي منصوبنلاءِ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي جي منظوري لازمي قرار *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اِي پي اَي جي منظوري کانسواءِ اڏاوتي ڪم شروع ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو *وزيراعظم جو خاص معاون ملڪ امين اسلم ۽ موسمياتي تبديلي واري کاتي جو سيڪريٽري ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي طور طلب *سي ڊي اي چيئرمين عامر علي احمد کي به 22 آگسٽ تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *
  • *هالا جي ٽيڪسي ڊرائيورن جو اڏي تي قبضي خلاف احتجاج، گاڏيون روڊ تي بيهاري ڇڏيون *ٽيڪسي ڊرائيورن ۽ پوليس اهلڪارن ۾ منهن ماري، پوليس ۽ قبضي خورن خلاف نعريبازي *بااثر پلاٽ وڪرو ڪري اسان کي بيروزگار ڪرڻ چاهي ٿو: ڊرائيورن جون دانهون *هالا پوليس ڳالهين لاءِ ٿاڻي تي گهرائي لاڪپ ڪيو: ڊرائيورن جو الزام *
  • *حيدرآباد ۾ اڳوڻو ايم اين اي ۽ ايڇ ايم سي جو اڳوڻو ميئر آفتاب شيخ ڪار جي ٽڪر ۾زخمي *اڻڄاتل ڪار لطيف آباد نمبر 6 ۾کيس گهر ٻاهران ٽڪر هنيو، زخمي ڀٽائي اسپتال منتقل*
  • *سنجهورو: شادي هال پويان سڙيل ۽ بيهوشي واري حالت ۾ اڻڄاتل نوجوان هٿ *نوجوان پاڻ مٿان گاسليٽ هاري باهه ڏني آهي: اکين ڏٺا شاهد *اطلاع تي پوليس پهچي نوجوان کي کڻائي اسپتال پهچايو*
  • *سکر: مزدا کي اوچتو باهه لڳي وئي، گاڏي مڪمل طور تي سڙي وئي *اطلاع تي فائر برگيڊ عملي پهچي باهه تي ضابطو آندو*
  • *ڪنڌڪوٽ: انڊس هاءِ وي تي ڄام واهي ويجهو روڊ حادثي ۾ پيرسن فوت *لاش اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي: پوليس *
  • *ڏهرڪي : گذريل ڏينهن روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل گلاب شاهه ڪالوني واسي نوجوان شاهزيب ملڪ فوت *شاهزيب گذريل ڏينهن اوٻاوڙو ويجهو جشن آزادي جي ريلي دوران ٽرالر جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيو هو*
  • *حيدرآباد ۾به پوليو مهم جو افتتاح، هيلٿ ورڪرز ٻارڙن کي ڦڙا پيارڻ شروع ڪري ڇڏيا *پوليو مهم لاءِ هڪ هزار ٽيمون ڪم ڪنديون، 3 لک ٻارن کي ڦڙا پيارا ويندا: ضلعي انتظاميا*
  • *ٺري ميرواھه: بوزدار وڏا فيڊر جي رهواسين جو بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج *رهواسين ٽائر ساڙي ٺري سيٺارجا روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، مسافر پريشان *بوزدار وڏا فيڊر جي ڳوٺن ۾ 24مان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: رهواسي*
  • *ٺل: ڳوٺ گلشير ڪنراڻي واسي پيرسن ابراهيم ڪنراڻي جو فصل مان لاش هٿ *اطلاع تي ڳڙهي حسن پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال کڻائي وئي*
  • *جيڪب آباد ويجهو سڱاوتي تڪرار تان جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾جهيڙو، عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد ميان سومرو ۾لٺيون لڳڻ سبب حسينا، نور خاتون، غلام حسين ۽ ٻيا زخمي *جکرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿيو، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو: پوليس*

ڪاڇي ۾ برسات بعد واهي پانڌي جوهي روڊ بند، سوين ڳوٺن جو رابطو ڪٽيل، رهواسي پريشان

روڊ بند هجڻ سبب علائقي واسي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا

احتجاج ڪيو هو ته واهي پانڌي جوهي روڊ تي پليون ٺاهيون وڃن پر ڪنهن به تدارڪ نه ڪيو

واهي پانڌي (ن پ ا) چار ڏينهن اڳ کيرٿر جي جابلو سلسلي ۾ زوردار برسات بعد نئن گاج 15 فوٽ وهي اچڻ سبب واهي پانڌي جوهي روڊ تي اچ وڃ بحال نه ٿي سگهي آهي، جنهن ڪري تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن سميت سوين ڳوٺن جو رابطپ ڪٽيل آهي ۽ رهواسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته هن وقت تائين انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن ڪو نوٽيس ناهي ورتو ۽ نه ئي روڊ جي بحالي لاءِ ڪي قدم کنيا آهن. ان حوالي سان سياسي سماجي اڳواڻن وقار مستوئي، صالح کوسو، صدام لاشاري، غلام رسول برهماڻي، ڀائي خان لاشاري ۽ ٻين جو چوڻ آهي ڪجهه ڏينهن اڳ احتجاج ڪيو هو ته واهي پانڌي جوهي روڊ تي پليون ٺاهيون وڃن پر ڪنهن به تدارڪ نه ڪيو، هنن چيو ته کير ٿر جابلو سلسلي ۾ برسات کانپوءِ ڪاڇي جا روڊ رستا وري بند ٿي ويا آهن جنهن ڪري علائقي واسين کي اچ وڃ ۾ سخت تڪليفون پيش اچي رهيون آهن، هنن وڏي وزير ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واهي پانڌي جوهي روڊ تي پليون ٺهرائي مسئلو حل ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.