تازا ترين
  • *مورو ڀرسان گهر اندر پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب 13 سالن جي نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري مارجي وئي، وارثن آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو * مورو: نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري کي قتل ڪيو ويو آهي: چئوٻول *
  • *گمبٽ ۽ ٽنڊو مستي ويجهو روڊ حادثا: نينگري بيبي خيريت بلوچ ۽ زوهيب پٽ خان محمد سومرو فوت، 4 ڄڻا احسان علي بلوچ، بيبي مناحل، بيبي هادي ۽ ثمينه زخمي*
  • *لنڊن: ڪمپيوٽر ۾ ڪٽ، پيسٽ، فائينڊ ۽ ري پليس ايجاد ڪندڙ سائنسدان لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *گهوسٽ اسڪولن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي رکي اُتان جي چونڊيل نمائندن کي ڳوليو: فاطمه ڀٽو 12 سالن کان بند پيل سر شاهنواز اسڪول جي تصوير شيئر ڪري ڇڏي * سجاول جي سرڪاري بوائز اسڪول تي منهنجي ڏاڏي جو نالو آهي، جيڪو 12 سالن کان بند آهي، اها آهي عملي ڪرپشن: فاطمه ڀٽو * جنهن علائقي ۾ اسڪول بند آهي، اُتان جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي ڳوليو، اڃا ڪيترا نسلن ائين يرغمال بڻيل رهندا: سوشل ميڊيا تي اپيل *
  • *باڊهه ۾ پ پ ايم پي اي جي سرپئنچيءَ ۾ جرڳو: پسند جي پرڻي تان ٻٽي قتل جو هڪ جوابدار تي 20 لک ڏنڊ: متاثرن جو 4 جوابدارن سان ٺاهه کان انڪار * باڊهه: مقتول نوجوان فياض ۽ غازي ٻرڙو جي وارثن طرفان عدالت ۾ ڪيس تان هٿ کڻڻ بعد ڏنڊ جا 15 لک رُپيا ڏنا ويندا: جرڳي ۾ فتويٰ * باڊهه: فتويٰ موجب جوابدار سليم ڏيرو ڏنڊ جي رقم ڀريندو، ناري مريم ڏيرو ۽ فياض ٻرڙو طرفان پسند جي شاديءَ بعد ڌُرين ۾ تڪرار ٿيو هو *
  • *ڪراچي: آءِ جي موٽرويز اي ڊي خواجه نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊويزن جو سيڪريٽري مقرر*
  • *ڪراچي/حيدرآباد: پٽ جي شادي تي ايڏو خرچ؟ ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس * ڪراچي/حيدرآباد: ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد ولي الله دل دعوت کائڻ بعد ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، معاملو نيب ڏانهن موڪلڻ جي وارننگ *
  • توهان جي اقرباپروري تباهي مچائي ڇڏي آهي، پنهنجي مقرريءَ تي جواب ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سيڪريٽري فوڊ تي ڪاوڙ جو اظهار*خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري لئيق احمد جي مقرري ئي غيرقانوني آهي، توهان ته سيڪشن آفيسر آهيو: چيف جسٽس احمد علي شيخ*فلور ملز مالڪن کي رهتون ۽ مارڪ اپ جي رقم فوري جمع ڪرائڻ جو حڪم: جوابدار رحمت الله شيخ جي ضمانت درخواست تي فيصلو محفوظ*

ڪاٺين جو واپارڪندڙ پٺاڻ هٿيار پهچائين ٿا:اڳوڻو ڌاڙيل

اهي هيٺين سطح تي پوليس کي رشوت ڏئي هٿيارن جو ڪاروبار ڪن ٿا

چڪ: ڪچي جي ڳڙهي تيغي واري علائقي ۾ هٿيار بارود ڪيئن ٿو پهچي؟ واري سوال جي جواب ۾ ڏوهن جي دنيا کي خيرآباد ڪري مختلف ڪيس کي منهن ڏيندڙ ماضي جي هڪ مشهور ڌاڙيل نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ڪچي اندر هٿيار پهچائڻ جو وڏو ذريعو مختلف علائقن ۾ ڪاٺين جو ڪاروبار ڪندڙ ڪوئيٽا ۽ ٻين علائقن کان ايندڙ پٺاڻ آهن. ٻيلن ۾ ڪروڙين رپين جي ڪاٺين جي لالچ ۾ مختلف طريقن سان هٿيار ٻيلي اندر ڏوهارين تائين پهچائين ٿا نه رڳو ايترو پر ان عمل ۾ پوليس جي هيٺين سطح جي آفيسرن کي ڳري رشوت عيوض خاموش ڪرائي ڪچي جي علائقن ۾ ڪاٺين جي ڪاروبار سان گڏوگڏ هٿيارن جو واپار به ڪن ٿا. هن ٻڌايو ته ماضي ۾ اتر سنڌ جي انهن علائقن مان سوين ماڻهو جهاد جي ٽريننگ لاءِ ويا هئا، جن ۾ ڪچي جي پوئتي پيل علائقن جي ماڻهن جو گهڻو انگ شامل هو جن هٿيار هلائڻ سکيو ۽ اڪثر مختلف ظلمن ۽ زيادتين کان باغي ٿي حادثاتي بنياد تي، ڪي وري وڏڙن جي نقش قدم تي هلندي شوق خاطر ڌاڙيل بڻيا.

Bookmark the permalink.