تازا ترين
  • *ٽنڊوباگو ويجهو زمين جي تڪرار تان جهيڙو،8ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل *ڳوٺ علي ترڪ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران 4 عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا *
  • وارهه ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، پيرسن فوت ٿي ويو *ماستر لاڙو وٽ حادثي ۾ پيرسن غلام مصطفيٰ گوگاڻي چانڊيو زخمي ٿي پيو *زخمي پيرسن لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ شهباز شريف خلاف مني لاندرنگ ڪيس، شريڪ جوابدارن جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار فضل داد عباسي ۽ شعيب قمر جي ضمانت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي *سپريم ڪورٽ ٻنهي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *ٻنهي جوابدارن تي شهباز شريف لاءِ سهولتڪاري ۽ مني لانڊرنگ جو الزام آهي*
  • *روشن سنڌ منصوبو ڪرپشن ڪيس: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نيب اسلام آباد آڏو پيش *نيب ٽيم طرفان جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي حوالي سان به وڏي وزير کان پُڇاڳاڇا * نيب طرفان وڏي وزير مراد علي شاهه آڏو سوالنامو پيش ڪيو ويو *
  • *فيض گنج ۾ پيٽرول پمپ مالڪن حڪومتي فيصلي کي ٿڏي ڇڏيو، وڌيڪ اگهه تي پيٽرول جو وڪرو *پمپ مالڪن پاران پيٽرول جو في ليٽر 77 کان 78 روپيا ۾ وڪرو،عوام سخت پريشان *
  • *تنگواڻي ۾ پئٽرول سستو ٿيڻ بعد پيٽرول پمپ بند *پئٽرول نه ملڻ سبب صارفين سخت پريشاني جو شڪار *
  • *ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ بحران پيدا ٿي ويو، ڪراچي سوڌو ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند، عوام پريشان*
  • *چونڊڪو ۾ رولو ڪتن نينگري کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *10ورهين جي ثمينا ڌي گلاب خاصخيلي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *نارو ۾ ٽن مهينن دوران ڪتن جي ڏاڙهيلن جو انگ500 ٿي ويو *
  • *بخشاپور ويجهو نوجوان کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏي *ڳوٺ محمد نواز چاچڙ واسي 24ورهين جي محراب علي چاچڙ کي رولو ڪتن ڏاڙهي وڌو *
  • *جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول ڀائرن جا پڪا چنا وٽ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو*
  • *پڪا چنا ڀرسان عورتن جي جهيڙي بعد جوابدارن فائرنگ ڪري 2 ڀائرن کي قتل ڪيو هو*
  • *سيوهڻ ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان قتل ڪيل 2 ڀائرن جي جنازي نماز ادا، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو*

ڪارنهن جي تهمت: ڪوٽڙي ۾ هڪ ٻي ناري مڙس هٿان قتل

ڪوٽڙي (ن پ ا) ڪوٽڙي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ناري کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، مسلم ٽائون ۾ جوابدار پنهنجي ننڊ سُتل نوجوان زال ملوڪان چانڊيو کي ڪارنهن الزام هيٺ وحشياڻو تشدد ڪرڻ کانپوءِ ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتواطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي بلاول ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪيو، ضروري ڪاروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، گرفتار جوابدار عظيم چانڊيو پوليس آڏو ڏوهه جو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته منهنجي گهرواري خالد چانڊيو سان ڪاري هئي، جنهن جي ڪري غيرت ۾ اچي قتل ڪيو آهي، رات دير سان خالد چانڊيو گهر ۾ گهڙي آيو ته مان سجاڳ ٿيس ۽ بعد ۾ فرار ٿي ويو، قتل ٿيل ملوڪان چانڊيو جي سئوٽ قاسم چانڊيو ٻڌايو ته مان پنهنجي گهر ۾ ستل هئس ته جوابدار عظيم چانڊيو جي والد حاجي صوبدار چانڊيو فون ڪري اطلاع ڏنو ته منهنجي پٽ پنهنجي گهرواري کي قتل ڪيو آهي، توهان جلدي اچو اسان جو گهر ٿوري فاصلي تي آهي، مان جلدي جلدي پنهنجي سئوٽ جي گهر پهتس ته اتي ڇوڪري ملوڪان جو ڳلو ڪپل لاش پيل هو، اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي، ٽيليگراف پوليس چيو ته اسان کي قتل ٿيل ڇوڪري جي سئوٽ قاسم چانڊيو اطلاع ڏنو ته منهنجي سئوٽ کي پنهنجي مڙس عظيم گهر اندر ڇرين جا وار ڪري ڪهي قتل ڪيو آهي، علائقي جي ناڪابندي ڪري جوابدار کي سوگهو ڪيو، ڪوٽڙي جي مسلم ٽائون واري علائقي ۾ ٻه ڏينهن اڳ به جوابدار احسان راجپوت به پنهنجي نوجوان زال بشريٰ کي به ڪاري ڄاڻائي قتل ڪري ڇڏيو هو، ٽن ڏهاڙن ۾ ٻه هوا ڄايون قتل ٿي ويون، علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙيل آهي.

Bookmark the permalink.