تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

عادلپور ۾ مڙس زال کي مبينا ڪُهي قتل ڪري ڇڏيو: جوابدار رات جي وقت جهنگ ۾ لاش دفنائڻ بعد فرار

صالح مهر ۾ جوابدار ثناءُ الله سولنگي ڀاءُ سان گڏجي زال کي ڳلو ڪپي قتل ڪيو

پوليس قبر ڪُشائي ڪري عورت جو لاش ٻاهر ڪڍري ورتو، پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل، جوابدار گهر خالي ڪري ويا: پوليس

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: برڪت ميراڻي) ميرپور ماٿيلو ڀرسان مڙس مبينا طور زال کي ڪُهي قتل ڪرڻ بعد لاش جهنگ ۾ دفنائي ڇڏيو، جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو. صالح مهر ڀرسان جوابدار ثناءُ الله سولنگي مبينا طور ڀاءُ سان گڏ زال رشيده سولنگي کي ڪُهي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد عورت جو لاش رات پيٽ ۾ ئي بنا غسل ۽ ڪفن جي جهنگ ۾ پوري ڇڏيو، واردات کانپوءِ جوابدار ڌُر گهر خالي ڪري فرار ٿي وئي. پوليس پهچي لاش ٻاهر ڪڍيو ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪرائي ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ثناءُ الله رات دير سان ڪارنهن جي الزام هيٺ پنهنجي زال جو ڳلو ڇريءَ سان ڪپي کيس قتل ڪيو، جنهن کانپوءِ هُن ڳجهه ڳوهه ۾ لاش جهنگ ۾ دفنائي ڇڏيو. پوليس موجب ڳوٺاڻن جي اطلاع ملڻ تي ڪارروائي ڪئي ۽ قبر ڪُشائي ڪري عورت جو لاش ٻاهر ڪڍيو. پوليس موجب جوابدار رات جي وقت ئي گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو، کيس جلد گرفتار ڪيو ويندو. ٻئي پاسي عورت جي ورثن کي اڃا تائين ڄاڻ نه ڏني وئي آهي. جوابدار ڪشمور جي بڊاڻي واري علائقي جو رهواسي آهي ۽ 6 مهينا اڳ هارپو ڪرڻ لاءِ ميرپور ماٿيلو آيو هو.

Bookmark the permalink.