تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڪائنيٽڪ پوٽريٽس: هڪ ئي پينٽنگ چهرا ڏيکاري ٿي!

ڪراچي (دلچسپ نيوز) سرگي ڪينڊيناس ڪائنيٽڪ وال پينٽنگز ٺاهڻ جو ماهر آهي سندس پينٽنگ هڪ يا ٻه نه پر ٽي مختلف چهرا ڏيکاري ٿي جيڪي ڏسڻ لاءِ اوهان کي پينٽنگ مختلف رخن کان ڏسڻي پوي ٿي. فنڪار سرگي اها پينٽنگ ٺاهڻ لاءِ مختلف لڪيرن ۾ مختلف رنگ ڀري ٿو ۽ اهو سمورو ڪم هو پنهنجي هٿن سان ڪري ٿو. هي ٽن مختلف شڪلين کي هڪ ئي شيٽ تي لڪيرن ۾ رنگ ڀري ٿو ۽ مختلف رخن کان ڏسڻ تي اها پينٽنگ تبديل ٿيندي نظر اچي ٿي. سندس تصوير ساڄي پاسي کان ڏسجي ته مختلف ۽ کاٻي پاسي کان ڏسجي تڏهن به مختلف ۽ سامهون کان ڏسجي تڏهن به مختلف چهري ڏيکاري ٿي.

Bookmark the permalink.