تازا ترين
  • *احمد پور ويجهو 14 ورهين جي نينگري نگھت ڌيءُ امان الله وسطڙو مبينا طور اغوا: ٽن ڄڻن صبر علي، شڪر علي ۽ منٺار وسطڙو خلاف اين سي داخل*
  • *سڪرنڊ ۾ پاڙيسري جو وڪيل رياض احمد عرف راجا تي قاتلاڻو حملو، نازڪ حالت ۾ نوابشاهه ريفر*
  • *سيوهڻ زيادتي ڪيس: عدالتي اجازت بعد جاچ ٽيم ڊي ايس پي کاڻوٺ علي شير خاصخيلي جي سربراهي ۾ معطل سول جج امتياز ڀٽو جي چئمبر جو معائنو ڪيو*
  • *ميرپورماٿيلو ۾ پرڻيل ناري جو گهر مان گولي لڳل لاش هٿ، شڪ جي بنياد تي مڙس گرفتار، وارثن واقعي کي آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو * ميرپورماٿيلو: عورت شمائلا کي مٿي ۾ ڳولي لڳل آهي، جاچ ڪيون پيا: پوليس * ميرپورماٿيلو: ڀاڄائي گهرو اڻبڻت تان آپگهات ڪيو آهي: ڏير اسلام بوزدار *
  • *راڻيپور: ٻن ڀائرن شڪيل بروھي ۽ ظريف بروھي وچ ۾ جهيڙي دوران فائرنگ: 17 سالن جو نوجوان شڪيل بروھي مارجي ويو، ظريف بروھي مرڻينگ*
  • *ڪراچي: ڊي آءِ جي سکر اقبال دارا خلاف اي جي سنڌ کي رپورٽ پيش ڪندڙ انسپيڪٽر کي شوڪاز نوٽيس جاري، 7 ڏينهن ۾ وضاحت طلب * ڪراچي: اوهان جونيئر آهيو، ڪنهن سينيئر خلاف ڪيئن ٿا انڪوائري رپورٽ جمع ڪرائي سگهو؟ نوٽيس *
  • *حيدرآباد/ڄامشورو: 15 ڏينهن کان گم ڄاڻايل مهراڻ يونيورسٽي جي شاگرد جو حيدرآباد ويجهو لاش هٿ، وارثن کي دوستن تي شڪ * حيدرآباد/ڄامشورو: شاگرد فتح راجپوت جو لاش اڪرم واهه مان هٿ آيو، پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي * حيدرآباد/ڄامشورو: پٽ دوست جي دعوت تي ڪوٽڙي ويو هو، شڪ آهي ته دوستن کيس قتل ڪيو: شير سومار *
  • *ڪراچي: آءِ جي سنڌ ڪليم امام اسلام آباد طلب: سڀاڻي وزيراعظم عمران خان کي بريفنگ ڏيندو*
  • *اسلام آباد: سنڌ ۾ اتحادين کي اعتراض: آءِ جي لاءِ سنڌ سرڪار کان نوان نالا طلب * اسلام آباد: آءِ جي تبديليءَ وارومامرو وفاقي ڪابينا جي ايجنڊا مان خارج: وڏي وزير سان ڳالهين جو ٽاسڪ گورنر حوالي *
  • *لاڙڪاڻي ۾ چوري ٿيل 3 ڪلو سون مان 31 تولا متاثر دڪاندار کي واپس: ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش اهو نه ٻڌايو ته سون ڪٿان هٿ ڪيو * لاڙڪاڻو: 31 تولا سون سوڌو چوري ٿيل ٻيو سامان ملي ويو آهي: دڪاندار عبدالله شيخ *
  • *مون خلاف سازش ٿي آهي، سولائيءَ سان وڃڻ واروناهيان: آءِ جي سنڌ*
  • *هالا ڀرسان 7 ڄڻڻ جي قتل جو ڪيس داخل: جوابدار ڌُر گهر خالي ڪري فرار*
  • *پشاور ڀرسان مسجد جو امام مبينا طور 14 ورهين جي ڇوڪري کي اغوا ڪري ويو*
  • *ريل سڙڻ جي واقعي بعد 19 ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي(شيخ رشيد) وڏن خلاف ڪارروائي ڪڏهن ٿيندي:چيف جسٽس*
  • *سرڪلر ريلوي ٽريڪ جي بحالي لاءِ وڌيڪ وقت نه ڏنو ويندو:سپريم ڪورٽ*

ڪائنات جي عظيم رشتي ماءُ کي سلام: سنڌ سوڌو سموري دُنيا ۾ اڄ مائرن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي

ماءُ جي عظمت تي روشني وجهڻ لاءِ تقريبون، ريليون ۽ ميڙاڪا، اولاد طرفان مائرن کي محبت جي اظهار لاءِ تحفا

ڪراچي ( م ڊ) پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ اڄ ماءُ سان محبت جي اظهار جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي. هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد معاشري ۾ مائرن سان محبت ۽ ان جي احترام کي اوليت ڏيڻ آهي. مائرن جي عالمي ڏينهن جي سلسلي ۾ سنڌ سميت سموري دنيا ۾ تقريبون منعقد ڪري ماءُ جي عظمت کي سلام پيش ڪيو پيووڃي، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، اسلام آباد، لاهور ۽ ٻين شهرن ماءُ جي عالمي ڏينهن تي تقريبون منعقد ڪري امڙ کي تحفا ۽ سلام پيش ڪيو پيو وڃي، مائرن جي عالمي ڏينهن ملهائڻ جي تاريخ تمام گهڻي پراڻي آهي ۽ ان جو سڀ کان پهريان يوناني تهذيب مان سراغ ملي ٿو. جتي سمورن ديوتائن کي ماءُ“گرهياديوي” جي مان ۾ اهو ڏينهن ملهايو ويندو آهي. 16هين صدي ۾ ايسٽر کان 40 ڏينهن اڳ انگلينڊ ۾ هڪ ڏينهن مدرنگ سنڊ جي نالي سان موسوم هو. آمريڪا ۾ مائرن جي ڏينهن جي شروعات 1872ع ۾ ٿي. سن 1907ع ۾ فلاڊيفيا جي اينا جاروس هن کي قومي ڏينهن جي طور تي ملهايو ۽ تحريڪ هلائي جيڪا آخر ڪامياب رهي ۽ 1911ع ۾ آمريڪا جي هڪ رياست ۾ اهو ڏينهن ملهايو ويو. هر سماج، قوم قبيلي ۽ مذهب ۾ والدين کي بنيادي اهميت حاصل آهي. ماءُ جو مان پوري دنيا ۾ مڃيل آهي. ان کي ڪنهن به گواهي جي ضرورت ناهي هوندي. ماءُ اها ذات هوندي آهي جيڪا نسل انسان کي نه صرف اڳيان وڌائيندي آهي جڏهن ته انهي جي ئي جهولي ۾ انسان جي پهرين تعليمي درسگاهه هوندي آهي. هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد مقدس رشتي جي عظمت ۽ اهميت تي روشني وجهڻ هوندي آهي هن ڏينهن تي پٽ پنهنجي ماءُ کي خوش ڪرڻ لاءِ خصوصي پروگرام ڪندا آهن ۽ هو پنهنجي مائرن کي تحفا به پيش ڪندا آهن جن ۾ روايتي گلن کان وٺي ڪارڊز ۽ قيمتي شين تائين هوندا آهن.



Bookmark the permalink.