تازا ترين
  • آءِ جي سنڌ جي مامري ۾ وفاق ۽ سنڌ حڪومت هڪ پيج تي آهن، جلد مسئلو حل ٿي ويندو: وڏو وزير*وفاقي سرڪار سان سنڌ کي پنهنجو حصو نه ملڻ تي اختلاف آهي، ڪڻڪ خريد ڪئي آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ اٽي جو بحران حل ٿي ويندو*اُميد ته چيف جسٽس زيادتي مامري ۾ ناري سان انصاف ڪندو: عمرڪوٽ ۾ علي مردان شاهه جي پونيئرن سان تعزيت بعد ڳالهيون*
  • صلاحڪارن ۽ خصوصي معاونن جي اختيارن وارو ڪيس: اي جي سنڌ کي نوٽيسز جاري*
  • ناري سان جنسي زيادتي مامرو:معطل ٿيل جج مٿان ڪيس داخل*ناري سلميٰ بروهي جي تازي بيان بعد معطل ٿيل سول جج امتياز ڀٽو مٿان ايس ايڇ او جي فرياد تي ڪيس داخل ٿيو*

کڻي ڪيترا به ڪپڙا هجن پر ماءُ جا ڪپڙا پهرڻ جي خوشي الڳ آهي: سونيا حسين

اداڪارا پنهنجي ماءُ جي شال ويڙهي تصويرون سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪري ڇڏيون، محبت جو اظهار

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل سونيا حسين جو چوڻ آهي ته کڻي اسان وٽ ڪيترا به ڪپڙا ڇو نه هجن پر ماءُ جا ڪپڙا پهري محسوس ٿيندڙ خوشي جو احساس بهترين آهي. سونيا حسين پنهنجي ماءُ جي شال پهري ساڻس محبت جو اظهار ڪندي انسٽاگرام تي تصويرون اپ لوڊ ڪيون آهن. سونيا حسين سوشل ميڊيا تي تصويرون اپ لوڊ ڪندي ڪيپشن ۾ ٻڌايو ته هن پنهنجي ماءُ جي شال ويڙهي آهي جيڪا کيس سڀ کان وڌيڪ پسند آهي. سونيا لکيو ته هي شال خوبصورت آهي جنهن جو رنگ مونکي مور جي ياد ڏياريندو آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ اهو ته هن مونکي پنهنجي ٻانهن ۾ مضبوطي سان پڪڙيو آهي.ا داڪارا والده سان پيار جو اظهار ڪندي کيس هزارين سال حياتي جي دعا ڪئي. فلم آزادي ۾ مک ڪردار ادا ڪندڙ 28 سالن جي سونيا حسين جي نئين ايندڙ فلم ٽچ بٽڻ آهي.



Bookmark the permalink.