تازا ترين
  • وزيراعظم جي صدارت هيٺ قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ختم*قومي رابطا ڪميٽي جو ڇنڇر ۽ آچر تي مڪمل لاڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو*سموري ملڪ ۾ جمعي ڏينهن دڪان مڪمل کولڻ جو فيصلو: ذريعا*
  • *وزير اعظم جي درخواست تي وفاق جي نمائندگي جو فيصلو ڪيو: فروغ نسيم *جسٽس فائز عيسيٰ ريفرنس ڪيس ۾ وفاق جي نمائندگي ڪندس: فروغ نسيم *بطور وزير قانون مون عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي: فروغ نسيم *منهنجي دل ۾ عدليا جي لاءِ عزت ۽ قانون جي پاسداري آهي: فروغ نسيم*
  • *ڀرياسٽي ۽ ڀرپاسي ۾ رولو ڪتن 8 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو *ٽن عورتن سميت 8 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *دادو ۾ نوجوان ناري جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڊاڪٽر رشيد قريشي جي پنجن گهرڀاتين سميت 16 ڄڻن جي رپورٽ نيگيٽو اچي وئي *
  • * وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي ملاقات *ملاقات دوران صحت واري وزير عذرا پيچوهو، پرنسپال سيڪريٽري ۽ ٻيا به شريڪ *اسان وٽ ڪورونا جي حوالي سان روزانو 6600 ٽيسٽ ڪرڻ جي گنجائش آهي: وڏو وزير *شهري ٽيسٽ ڪرائڻ ۾ ايترو سهڪار نه ڪري رهيا آهن، جيترو ڪرڻ گهرجي: مراد علي شاهه *
  • ڪوٽڙي ۾ وڌيڪ هڪ ڄڻي کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن جو انگ 24 ٿي ويو *22مان هڪ ڄڻي جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي * ڪورونا متاثر کي گهر ۾ ئي آئيسولٽ ڪيو ويندو: ڊي ايڇ او *
  • *قاضي احمد ۾ ڌارين کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *مختلف سياسي سماجي قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي وئي *
  • *سنجهورو: ڪشمير بارڊر تي دل جي دوري سبب فوت ٿيل فوجي جوان جو مڙهه ڳوٺ پهچايو ويو *فوجي جوان ڪاشف جٽ جو مڙھ مظفر آباد کان سندس اباڻي ڳوٺ 23 چڪ پهچايو ويو *
  • *سانگهڙ ۾ ڪورونا متاثر فوڪل پرسن جي ٻيهر ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڪورونا متاثر ڊاڪٽر شبير چنا جي ٻيهر ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *ڪنڊيارو شهر جي محبت ديرو ناڪي وٽ پئٽرول ڀرائڻ دوران چنگچي کي باهه لڳي وئي *مالڪ ٽپو ڏئي پاڻ کي بچايو، شهرين پهچي باهه وسائي ورتي، چنگچي سڙي وئي*
  • *ڊکڻ ويجهو پوليس جي ٽن مقتولن جا جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ ڳوٺن تي چڙهائي، 2 گهر ۽ اوطاق ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ: مسمات بشرا خاصخيلي کي تذليل ۽ تشدد جو نشانو بڻائڻ وارو معاملو *عمرڪوٽ: پوليس گذريل ڏينهن 3 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ اڄ ميڊيڪل لاءِ اسپتال آندو *جوابدارن عرس کاڙت، قيوم کاڙت ۽ ربنواز کوسي جو ڊي اين اي ڪرايو ويو: پوليس *عورت ٿاڻي تي پهچي جوابدارن تي تشدد ۽ زيادتي ڪرڻ جو الزام هنيو هو: پوليس *
  • * اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ راجا پرويز اشرف جي نيب ريفرنس ۾ بريت واري درخواست *رينٽل پاور ڪرپشن ڪيس جي فيصلي جي لاءِ 25 جون جي تاريخ مقرر *
  • *لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل 70 ورهين جو مريض فوت *لاڙڪاڻو : گذريل ٽن ڏينهن کان سيد گلزار شاھ آءِ سي يو وارڊ ۾ وينٽيليٽر تي هو*
  • *سکر: سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي هاءِ ڪورٽ، سيشن ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ *ميرپور ماٿيلو ۾ وڪيل گل فيروز ڪلوڙ کي گرفتار ڪرڻ خلاف وڪيل برادري طرفان مظاهرا *

کپري ۾ زرعي توسيع کاتو صرف ڪاغذن ۾ هلندڙ، عملو گھر ويٺي پگھار کڻڻ لڳو، آفيسن تي قبضا ٿي ويا

تعلقي جي 24 تپن مان صرف 6 فيلڊ آفيسن ۾ زرعي توسيع کاتي جا ايف او مقرر ٿيل

فيلڊ آفيسن تي بااثرن جا قبضا ٿيل، ڪجهه آفيسن تي اوطاقون قائم ڪيون ويون

کپرو(رپورٽ: آزاد راڄڙ) کپرو ۾ زرعي توسيع کاتو صرف ڪاغذن ۾ هلندڙ آهي، جڏهن ته عملو گهر ويٺي پگهار کڻي رهيو آهي، جنهن ڪري علائقي ۾ نقلي ٻج دوائن جي سپلائي ڪندڙ ڊيلرن کي آزادي ملي وئي آهي، زراعت کاتي جي عدم دلچسپي سبب غير معياري ٻج ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جو وڪرو چوٽ چڙھيل آھي، جعلي ڪمپنين به ديرا ڄمائي چڏيا آھن، کپرو، کوڙي، قاضي فيض محمد، هٿونگو، ڀٽ ڀائٽي، حافظ راڄڙ، بلاول هنڱورجو، بانڪو چانيهون، ڪامل هنڱورو، راڻڪ ڏهر، روڻجهو، کاهي، سيد سمن شاهه، حمزو درس ڀوپي تي ٻڌل کپري تعلقي ۾ 24 تپا آهن، جتي زرعي توسع کاتي جا عملدار 24 تپن مان صرف 6 فليڊ آفيسن تي ايف او مقرر ٿيل آهن. جڏهن ته 18 ايف او جون پوسٽون خالي پيل آهن. ٻئي طرف اهو به معلوم ٿيو آھي ته زرعي توسيع کاتي جي قائم ڪيل فيلڊ آفيسن تي بااثرن جا قبضا به ٿيل آهن، جنهن مان ڪجهه آفيسن تي اوطاقون قائم ٿيل آهن ۽ ڪجھ آفيسون سار سنڀال نه ٿيڻ ڪري ڊهي پٽ پئجي ويون آهن، اهو به معلوم ٿيو آھي ته سموري فليڊ ۾ ڪابه گاڏي ناهي جو آفيسر فيلڊ ۾ وزٽ ڪن جڏهن ته 6 فيلڊ آفيسن تي هڪ هڪ زرعي فيلڊ آفيسر مقرر ٿيل آهي جيڪو فليڊ ۾ ڪم ڪندي نظر نٿو اچي. اهو به معلوم ٿيو آھي ته تعلقي هيڊ ڪوارٽر جي ايگريڪلچرل آفيس ۾ صرف کپرو سرڪل جي آفيسر کان سواءِ ٻيون سرڪل آفيسون ڍليار، کاهي سرڪل آفيسون خالي پيل آھن، اتي مقرر آفيسر غير حاضر هجن ٿا. جڏهن ته زرعي توسيع کاتي جي عملدارن فرٽيلائزرس جي مالڪن کي غير معياري ٻج ۽ ڀاڻ دوائون وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي،آھي نقلي ڀاڻ، ٻج ۽ دوائن جي استعمال سبب آبادگارن کي کي وڏو نقصان پهتو آھي. آبادگار فيڪٽري مالڪن پيڍي مالڪن ۽ سيٺن جا نه صرف قرضي بڻيل آھن پر نقلي ٻج، ڀاڻ دوا جي استعمال سبب آبادگارن جي زمين مان ذرخيزي ختم ٿيڻ لڳي آھي. پرائيويٽ سيڊ ڪمپنين جي ايجنٽن پاران آبادگارن کي وڏا خواب ڏيکاري استعمال ڪرايل ڪڻڪ ياڪپھه جو ٻج ۽ دوا ڀاڻ ذريعي اها اپت ڏيکاري ناهي سگهيو، پر زرعي توسيع کاتي جا عملدان نقلي ٻجن دوائن ڀاڻ جي روڪٿام ڪرڻ بدران اهڙن فرٽيلائزرس جي مالڪن سان ٻانهن ٻيلي بڻيل آهن.

Bookmark the permalink.