تازا ترين
  • *ميرپورخاص ۾ عدالتي ڇاپو: ٿاڻي تي زنجيرن سان ٻڌل شهري بهادر علي بازياب*
  • *اسلام آباد: کنڊ جا اگهه ڇو وڌيا؟ وزيراعظم عمران خان پاران کنڊ جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم * اسلام آباد: ڪميٽي ۾ ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب ۽ آءِ بي جو نمائندو شامل هوندو *
  • *راڄو خاناڻي ڀرسان 55 ورهين جي پيرسن محمد بچل ڪوري وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي*
  • سنڌ سرڪار ڪي سي آر جي بحاليءَ لاءِ نقشو پيش ڪري ڇڏيو*ايندڙ ٻڌڻيءَ تي وري نقشو ٻيو هوندو (چيف جسٽس) نه سر! ساڳيو ئي هوندو: اي جي سنڌ*
  • سوچي ڳالهايو، هتان جيل موڪلي سگهون ٿا، ٻارن وانگر لڳا پيا آهيو ته هي ڪنداسين، هو ڪنداسين: سُپريم ڪورٽ جي سيڪريٽري ريلوي کي ڇنڊ*سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سرڪلر ريلوي جي بحاليءَ واري ڪيس تي ٻڌڻي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ سيڪريٽري ريلوي پيش*لکي ڏيو ته نٿو ٿي سگهي ته جيئن قصو ئي ختم ٿئي، توهان جي ڪهاڻي سنڌ حڪومت هڪ سال اڳ ٻڌائي ڇڏي هئي: چيف جسٽس جا ريمارڪس*

کپري ۾ جعلي کاتن ذريعي ڦٻايل زمين ٻيلي کاتي کي واپس نه ٿي، ڪارروائي لٽڪيل

ايڊيشنل ڪمشنر کاتا رد ڪري زمين کپرو ٻيلي کاتي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو

ٻيلي جي زمين خالي ڪرائي، جعلي کاتا ختم ڪري ٻيلا پوکڻا هئا پر ڪجهه نه ٿيو

کپرو (رپورٽ: آزاد راڄڙ) کپرو ٻيلي جي 67 هزار ايڪڙ زمين جي جعلي کاتن وارو معاملو اڳتي نه وڌيو، ڪمشنر نواب شاهه توڙي ڊي سي سانگهڙ به تحرڪ نه ورتو، جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار کپرو
جون پوسٽون هڪ مهيني کان خالي پيل آهن. کپرو ٻيلي جي زمين جا جعلي کاتا ٺاهي مقامي زميندار کي ڏيندڙ روينيو کاتي سپريم ڪورٽ جي حڪمن بعد به اها زمين ٻيلي کاتي جي حوالي ناهي ٿي. ان ڏس ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ايڊيشنل ڪمشنر نواب شاهه انڪوائري ڪري 67000 ايڪڙ زمين ٻيلي جي ظاهر ڪري ان جا کاتا رد ڪري کپرو ٻيلي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر ڊي سي سانگهڙ عمل نه ڪرايو، سياسي مداخلت سبب ڪمشنر نواب شاهه سميت مختيارکپرو تائين سمورا عملدار وقت به وقت بدلي ڪرائي ويا جنهن سبب معاملو رولڙي جو شڪار ٿيندو رهيو آھي، تازو سپريم ڪورث حڪم ڏنو ته ٻيلي جي زمين خالي ڪرائي جعلي کاتا ختم ڪري اها زمين فاريسٽ ڪئي وڃي پر روينيو عملدارن ان تي ڪو به عمل نه ڪيو نه ٻيهر نقشا ٺهيا آھن نه وري انهي جي سروي ٿي آھي. کپرو ۾ 2016 کان 2020 تائين مختيارڪار ۽ اي سي هڪ کان 3 مهينن تائين هٽايا ويندا آهن، ڪو به پنهنجي پوسٽ تي ناهي رهي سگھيو. اهو به معلوم ٿيو آھي تازو بدلي ڪرائي ويل مختيارڪار عزيز ڪلهوڙو رپورٽ تيار ڪري ڪمشنر حوالي ڪئي جيڪا ڪمشنر رد ڪندي ٻيهر رپورٽ لاءِ چيوته هن پنهنجي بدلي ڪرائي چڏي. اي سي کپرو آصف خاصخيلي به سمجهوتو ڪرڻ بدران پنهنجي بدلي ڪرائي ويو، جنهن سبب مختيارڪار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر کپرو جي پوسٽ خالي پيل آھي، سندن چارجون سانگهڙ جي مختيارڪار رشيد ڪاڪا ۽ اي سي سانگهڙ سهيل آرائين حوالي ٿيل آھن.

Bookmark the permalink.