تازا ترين
  • *موهن جو دڙو ڀرسان رائيس ڪئنال مان لاش هٿ، گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي واهه مان به پيرسن جو لاش هٿ*
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

کپرو ٿاڻي تي زميندار گلاب لوهاڻو جي اغوا جو ڪيس داخل

کپرو (ن پ ا) کپرو ٿاڻي تي زميندار گلاب لوهاڻو جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو، ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته پر امن علائقي ۾ٿيل اغوا واقعي جي جاچ ڪرائي ويندي. اغوا ٿيل زميندار گلاب لوهاڻو جي ڀاءُ مهويش لوهاڻو کپرو ٿاڻي تي پهچي اڻڄاتل جوابدارن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو. ايس ايس پي سانگهڙ ذيشان صديقي پڻ کپرو ٿاڻي تي پهچي اغوا ٿيل زميندار جي وارثن سان ملاقات ڪئي. ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ايس ايس پي ذيشان صديقي چيو ته زميندار جي اغوا جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد ٽيمون جوڙيون ويون آهن، اغوا ڪندڙن جو پتو لڳايو ويندو. سندس چوڻ هو ته هن پرامن علائقي ۾اغوا جو واقعو ڇو پيش آيو ان جي به جاچ ڪئي ويندي.

Bookmark the permalink.