تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

کپرو لڳ ڳوٺن مان برساتي پاڻي جي نيڪالي لاءِ بااثر رنڊڪ بڻيل، مظاهرو

کپرو (ن پ ا) کپرو تعلقي جي ڳوٺن مان برساتي پاڻي جي نيڪالي ۾ بااثر رڪاوٽ بڻجي ويا، مقامي ماڻھن جو کپرو جي مين چوڪ تي رفيق شر، يونس قائمخاني، الهداد شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊي سي سانگهڙ سميت بااثر وڏيري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مظاهرين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هٿونگو يوسي مان سرڪاري روڊ جي ڀر مان ڪرين مشينن ذريعي نالي جي کوٽائي جو ڪم ته ڪيترن ئي ڏينهن کان مڪمل ته ٿي ويو آھي پر علائقي جو هڪ بااثر برساتي پاڻي جي نيڪاسي ۾ ديوار جيان رڪاوٽ بنجي ويو آھي جنهن جي ڪري يوسي هٿونگو جي ڪيترن ئي ڳوٺن مان برساتي پاڻي جو نالو کوٽجڻ باوجود متاثرن جي گهرن مان اڃا تائين بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آھي ۽ انتظاميا پڻ پاڻي ڪڍرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آھي هنن وڌيڪ چيو ته انتظاميا بااثر اڳيان بيوس بڻيل آھي، هنن وڏي وزير سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته پاڻي نيڪالي ۾ رڪاوٽ بڻيل بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري يوسي هٿونگي جي ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي مقامي ماڻھن کي وڌيڪ دربدر ٿيڻ کان بچايو وڃي.

Bookmark the permalink.