تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

کورواهه ۾ بجلي گهٽ وولٽيج سبب شهر کي پاڻي جي فراهمي بند، رهواسي پريشان

پنج هزار کان وڌيڪ آبادي رکندڙ شهر جي وا ٽر سپلاءِ جون موٽرون خراب، شهر ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي

شهر جي مختلف پاڙن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب رهواسي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، انتظاميا اک نه پٽي

کورواھ )ن پ ا(کورواھ جي واٽر سپلاءِ اسڪيم ناڪارا، موٽرون خراب شهر ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، شهرين جو احتجاجي مظاهرو. خبر موجب پنج هزار کان وڌيڪ آبادي رکندڙ شهر کورواھ جي واٽر سپلاءِ جون موٽرون خراب هئڻ سبب شهر ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي وئي، شهري پريشان اختيارين اک نه پٽي آهي. هتان جي شهرين قاضي غلام حسين ڪنڀار عثمان ڪنڀار ۽ ٻين پهنجي اخبار اڳيان دانهيندي چيو ته شهر جي مختلف پاڙن ۾ پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي، پئيڻ جو پاڻي نه آهي واٽر سپلاءِ 3 ڏينهن بعد ٿو هلي، جيڪو شهر کي پاڻي نٿو پهچائي، پاڻي جي صفائي نه هجڻ سبب رهواسي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن هنن چيو ته پاڻي ڏئي جئيڻ جو حق ڏنو وڃي
ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي واٽر سپلاءِ انتظاميا ٻڌايو ته بجلي جا وولٽيج نه هئڻ ڪري موٽرون نٿيون هلن ۽ ٻه موٽرون خراب آهن جيڪي پبلڪ هيلٿ وارا کڻي ويا آهن باقي هڪ موٽر شهر کي پاڻي نٿي پهچائي.

Bookmark the permalink.