تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

کورواهه ۽ ڀرپاسي تيز هوا سان برسات، سارين جي فصل کي نقصان

کورواھ (ن پ ا) کورواھ ۽ ڀرپاسي ۾ تيز هوا سان گڏ برسات سارين جي فصل کي ڪيرائي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري آبادگارن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي. ان ڏس ۾ برساتي ٻوڏ ۽ پن ويڙھ جي مرض کانپوءِ رهيل سارين جي فصل کي ڪالهه تيز هوائن ڪڍي ڇڏي. سوين ايڪڙن تي بيٺل سارين جو فصل ڪري پيو آهي، جنهن ڪري آبادگارن صالح، محمد راهمون، لکاڏنو ٻاڪڙ ۽ ٻين پهنجي اخبار کي ٻڌايو ته سارين جو فصل پهرين پاڻي ۾ ٻڏي ويو پاڻي مان آزاد ٿيڻ وقت تنهن کي پن ويڙھ جو مرض لڳي ويو مرض مان جان ڇڏائي اٿئون ته وري تيز هوا ساريون پٽ ڪري وڏو نقصان ڪيو آهي. هنن سنڌ جي زراعت کاتي کي اپيل ڪئي آهي ته اسان کي چيٽ جي فصل لاءِ ٻج ڀاڻ تي سپسڊي ڏني وڃي ۽ سارين جو اگھه 2000 رپيا مڻ ڪيو وڃي ته جئين اسان وڏي نقصان کي بچي سگهون.

Bookmark the permalink.